ڪوٽ مقبول شاهه صحت مرڪز جي انچارج عملي جي ورتاءَ مان تنگ

مَي 21, 2023

قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڳوٺ ڪوٽ مقبول شاهه صحت مرڪز جي انچارج  ڊيوٽيون نه ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ ڊسپينسرن خلاف اختيارين کان ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏي

ڪوٽ مقبول شاهه جي صحت مرڪز جي انچارج دعا ڌاريجو صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ليڊي ھيلٿ ورڪر ۽ ڊسپينسر ڊيوٽين تي نٿا اچن

هن ٻڌايو ته عملو ڊيوٽين ڪرڻ کان لنوائڻ لاءِ صحت مرڪز پري هجڻ جو بهانو ڪري بدليون ڪرائڻ لاءِ ڪوششن م رڌل آهي

صحت مرڪز جي انچارج چيو ته گيسٽرو جي موسم ھلي رھي آھي جيڪڏهن مريضن جو انگ وڌي ويو ته ان تي ضابطو آڻڻ ڏکيو ٿي ويندو

دعا ڌاريجو  صحت جي وزير.سيڪريٽري  توڙي ڊي ايڇ او کان مطالبو ڪيو ته ڪوٽ مقبول شاهه جي صحت مرڪز جي عملي کي ڊيوٽيون ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي يا وري انهن خلاف ڪارروائي ڪري نئون عملو مقرر ڪيو وڃي

Leave A Comment