| ڪوڪو هائوسنگ فراڊي نڪتي: نيب پاران 250 ايڪڙ سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ جي دعويٰ |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) نيب ڪراچي 75 ڪروڙن جي 250 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا، سرڪاري زمين تي غير قانوني طور تي ڪوڪو هائوسنگ سوسائٽي جي نالي سان هڪ رهائشي اسڪيم ٺاهي وئي هئي، ان ڏس ۾ نيب موجب ٺٽي جي ديهه ڪوهستان ۾ سپر هاءِ وي وٽ سرڪاري زمين تي حددخليون ڪري جعلي رهائشي اسڪيم “ڪوڪو هائوسنگ سوسائٽي” ٺاهي وئي، نيب موجب جاچ دوران خبر پئي ته رٿا جو روينيو رڪارڊ هٿ ٺوڪيو هو، سيل ڊيڊ جو ڪو وجود نه هو، اسڪيم جا سمورا دستاويز به بوگس نڪتا، نيب جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ مائيڪرو فلمنگ يونٽ ۽ ٺٽي ۾ سب رجسٽرار آفيس به تصديق ڪئي آهي ته اها سيل ڊيڊ سيريل نمبر 16 ۽ رجسٽريشن نمبر 14 نه ته مائيڪرو فلمڊ هيو ۽ نه ئي وري ڄاڻايل ڪو رڪارڊ موجود هو ،جعلي دستاويزن ذريعي زمين جي نوعيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ داخلا ڪئي وئي، ڄاڻايل فارم سروي ۽ سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران جاري نه ڪيو ويو هو، ڄاڻايل زمين کي زرعي مان غير زرعي استعمال ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جنوري 2018 ۾ هڪ ٻئي انٽري مختيارڪار جي لازمي صحيح بنا ڪئي وئي, انتظاميه پاران ڪوڪو هائوسنگ سوسائٽي جي نالي سان ٻه بينڪ اڪائونٽ کولرايا, جن ذريعي عام ماڻهن کان 68 ملين ( 6ڪروڙ 80 لک ) رپيا گڏ ڪيا ويا، نيب جو چوڻ آهي ته جوبدارن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو.