ھر دور جي ڪا نه ڪا جدت ھوندي آھي، جيڪا ان زماني جي مخصوص وندر ھوندي آھي پر مستقبل ۾ تاريخ جو حصو بنجي ويندي آھي. سڌ سماءَ جي ذريعن يا ميڊيا جي حوالي سان سموري دنيا وانگر سنڌ جي ڪوھستان ۾ پڻ وڏي جدت تڏھن آئي، جڏھن 1960ع جي ڏھي ڌاري ريڊيو ۽ گهڻو پوءِ ٽيپ رڪارڊر ھتي عام ٿيو ۽ پوءِ وري جڏھن 1980ع ڌاري ٽي وي به ھتي آئي ته وڏا چھچٽا ٿيڻ لڳا. ماڻھن جا ميڙ گڏ ٿي، اھڙن ”نون نمونن“ کي عجب مان ڏسڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا ھئا.
اڄ جو نئون نسل ٿي سگهي ٿو ريڊيو ٽيپ ۽ ٽيليويزن کان مورڳو اڻ ڄاڻ ھجي، جو ھاڻي ھر ڪنھن ھٿ ۾ موبائل آھي. پر اھا اڄ کان سئو سال اڳ جي نه پر منھنجي سانڀر جي عمر وارن ڏينھَن جي ڳالھ آھي ته ريڊيو تي ڪلام ٻڌڻ سان گڏ خاص ڪري بي بي سي لنڊن ۽ مختلف ڪچھرين جا مختلف پروگرام ۽ خط پڙھڻ جا وڏا انتظار ھوندا ھئا. ريڊيو تي ھر نئين خبر ٻڌڻ مھل ماڻھو وات تي ھٿ رکي خاموشي سان ٻڌڻ جا اشارا ڏيندا ھئا. ريڊيو تان تلاوت، نعت، مولود ۽ ملي نغمن کان علاوه ثقافتي يا لوڪ گيت ۽ مختلف پروگرام ٻڌڻ لاءِ جن وٽ ريڊيو نه ھوندو ھو اھي مايون مرد گڏجي ريڊيو وارن وٽ اھڙي ريت وڃي ويھندا ھئا جو گڏجي ٻڌندا ۽ ان بابت مختلف ڪچھريون ۽ مچ تي مارڪا ڪندا ھئا. ايتريقدر جو ھن جديد دور ۾ اڄ پڻ ريڊيو کي ڪوھستان ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ان جي شڪل تبديل ٿي چڪي آھي پر ريڊيو جي مقبوليت اڄ به ساڳي آھي.
ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪيسٽ جو به ڪو زمانو ھوندو ھو، ھتي سوني ڪمپني جو ٽيپ جيڪڏھن ڪنھن ورتو ته ان ڄڻ ته ڪو جھاز ورتو ھجي. تيپ ۾ ماڻھو موسيقي ۽ واعظ يا ڪلام کان علاوه مولود مداح ۽ غزل جون ڪيسٽون ٻڌندا ھئا. اڄ اھي ڪيسٽون نه ٿيون اچن پر پراڻيون ڪيسٽون رکي ڪري گرمي ۾ خراب ٿي رھيون آھن. مون وٽ پڻ اڄ فوزيه سومرو، سرمد سنڌي ۽ عابده پروين جون ڪيسٽون سٺي تعداد ۾ محفوظ پيل آھن.
ھتي ٽيپ ۽ ريڊيو کي ماڻھو ڪڇ ۾ کڻي ھلندا ھئا، سوني ڪمپني جو ٽيپ مھانگو ملندو ھو. مالماڙي ڪوھستان جو مولودن جو مداحي مرحوم ابا داد محمد جوکيو (ثاني) ته مون ھيل تائين شادين جي سرگس ۾ يا رات جو پڙھجندڙ مولودن غزلن جي ٽيپ رڪارڊنگ ڪندي ڏٺو. جسارت ۽ مون کانئس پڇيو ته وٽس ڪيتريون ڪيسٽون آھن ته جواب ڏنائين ته ڪنري ٿر جي فنڪار حيدر رند جون ڪلامن جون سموريون ٽيپ رڪارڊنگ ڪيسٽون ۽ مولودن ۾ جسڪاڻي ۽ مڱڻھارن جون ڳچ ڪيسٽيون وٽس محفوظ ٿيل آھن، جن سان ھو پيار ڪري ٿو. ھو ٽيپ کي رلين ۾ يا اجرڪ ۾ ويڙھي سنڀالي ھلندو ھو. اھو ھڪ مثال لکيم، اھڙا ڪيترائي مرد ان ريت ريڊيو ٽيپ رڪارڊر سان اڄ به پيار ڪن ٿا.
ھتي ٽيليويزن ڏسڻ ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين براھه راست راندين کي به ڏسڻ پسند ڪيو ويندو ھو، ڇوته ڪوھستان ۾ کلا پڊ ھجڻ ڪري نوجوان راند کي پسند ڪن ٿا. ٽيليويزن ۾ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل اچڻ کانپوءِ وڏي نواڻ آئي ۽ سموري ڪوھستان ۾ پڻ ان جا سٺا نتيجا سامھون آيا، جھڙوڪ ثقافتي ايڪتا ڏينھن ۽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ موسيقي سان پيار ۽ ان بابت شعور جو اچڻ وغيره.