ڪوھستان جون رسمون ۽ رواج … سياري جي مُندَ جا رواج …سنڌو سنڌي

                 ھر مُندَ جا پنھنجا رواج ۽ سنوڻ آھن، مندَ ملھاري ھجي يا سياري جي ٻيڙاڪي، ھر مند ۾ ماروئڙا ٿڌ گرمي کان بچڻ ۽ جيئڻ لاءِ مختلف ھيلا وسيلا ۽ جتن ڪن ٿا، جيڪي نسل درنسل ھلي، اڳتي رواج بنجيو وڃن. ڪوھستان جا پَڊَ کُلا ۽ ھوادار آھن، جنھن ڪري ھت ٿڌ به خوب ٿئي، ٿڌڪار ۾ پانجو پاڻ کي ڪوسو رکڻو پوندو آھي، جنھن لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪرڻا ٿا پون.

                 ھتي جا ماروئڙا ھنڌ بسترا جيڪي مھانڌوڪي سياري جا ويڙھيل ڌميل رکيل ھجن، سي ڪڍي منگھن يا ڀت تي وجهي سج تي وائکا ڪندا آھن ڇوته بنا وائکا ڪتب ڪرڻ سان دم، ساھ ۾ گُهٽَ ۽ ٻوساٽجڻ جون بيماريون ٿينديون آھن. انھن ھنڌن بسترن ۾ رليون، وھاڻا ۽ سوڙن کان علاوه سياري جا آٿر جھڙوڪ، سويٽر، ڪن ٽوپلا، گرم گنجيون، جوراب وغيره شامل آھن. رلين ۾ آٿراڻي، ٻِسِٽي (ڊبل ڪپڙي واري) ٽِسِٽي (ٽي ڪپڙن واري ڳٽول) ۽ ٿلھيون ٽوڙ رليون ٿين، اھڙيءَ ريتَ سَوَڙ ۾ پڻ ڪي قسم ٿين، جھڙوڪ؛ ليف (ھلڪي سوڙ)، سيڄ (گھوٽ ڪنوار لاءِ ڪاڄيتي سوڙ)، پاٿراڻي (ڳٽ يعني ٿلھي سوڙ) ۽ ماٿراڻي (مٿان ڪرڻ لاءِ) وغيره. انھن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ موسم ۽ موقعي جي مناسبت ضروري آھي.

سياري ۾ ڪنھن ڀت، پٿر يا اڌوڪ جي اوٽ کي اوڍر چون ۽ اوڍر ۾ مچ ٻارڻ جو مزو ئي پنھنجو ٿئي، ڇوته اوڍر ھوا کي روڪي گرمائش ٺاھي ٿو. مال وجھه کي پڻ ھت اوڍر منجھه ٻڌن يا مَنَھُن ۾ اوڍر ڪرڻ ڪارڻ ھوا واري پاسي ڍنگھرن جي واڙ ڏين ۽ دونھن ڪن ته جيئن ڪوساڻ ٿئي. ان ڪوساڻ لاءِ ماڻھو رلي يا اوڍر ۾ ڪو آٿر سمھڻ مھل مٿان ڪرڻ مھل ڪڏھن ھڪ ته ڪڏھن ٻه ھنڌ به استعمال ڪن.

عام طور شھرن ۾ سياري ۾ ڪم کان ٻرو کڻندو آھي ۽ ماڻھو سست ٿيو پوي پر ڪوھستان جا ماڻھو سياري ۾ به پانجي روزمره جي ڪم ڪار ۾ ڪابه سستي ناھن ڪندا پر اڃا به سويرو اٿي، ڪم ڏانھن پھرندا آھن. کين نڪ، ڪن ۽ مٿي کي گرم ٽول سان ڍڪي يعني کاڏ ٻڌي يا جُهنڊ ٻڌي ولھه يا ناسيءَ واري تيز تُز اتر واري ٿڌي ھوا سامھون نڪرڻ يا وري گاڏين تي سفر ڪرڻ سان جسم کي سيءُ ناھي لڳندو.

ھتي پڪن گھرن کان وڌيڪ ڪچا گھر ڪوسا محسوس ٿين، جن ۾ ڪٿي ڪٿي ته ماڻھو پراڙ  اندر به وڃيو سمھن جيڪو ڪوسو ٿيندو آھي. ان کان علاوه پٿر جي ٺاھيل اڌ پڪن يا اڌ ڪچن گھرن ۾ پڻ ٿڌ گهٽ ٿيندي آھي. ھت مزو تڏھن ڏسجي جڏھن ماڻھو سياري ۾ گھرن ۾ وھي مٺا، کارا توڙي چھر وارا گرم کاڌا کائين. جن ۾ ديسي ڪڪڙ جا آنا، اڇا گجر، چانورن جي مانيءَ مان مٺي ڀوري، ڳڙ مان ٺھيل گھوٻيت، لائي، تر ۽ نج مکڻ وغيره شامل آھن، جن کي واپرائڻ سان ماڻھو پنھنجو پاڻ کي نه رڳو طاقت ۾ توانو محسوس ڪن پر بيمارين کان بچڻ لاءِ به اھم کاڌي طور ڪتب ڪندا آھن. جيئن ته ڪوھستان ريتن رسمن ۾ شاھوڪار آھي، سياري ۾ به ماروئڙا پنھنجا رواج ناھن وساريندا. ان ڏس ۾ رڳو ھڪڙو واقعو لکندياس. ڄامشوري جي ھڪ پٿريلي جبل جي اوٽ ۾ رھندڙ ھڪ سرتيءَ وٽ وياس، پاڻ مون لاءِ ديسي ڪڪڙ رڌي جيئن مونکي ڏنائين، ائين ئي سندس وڏي ڀيڻ لاءِ به پاٽ ۾ ٻوڙ ڪڍي موڪليائين، جيڪا جبل جي ھُن پار ھاڻ شادي کانپوءِ رھي پئي. اھو کاڌو سندس پوڙھي امڙ کڻي پئي وئي. مون جڏھن چيس ته امان پوڙھيءَ کي ڪڄا لاءِ پئي موڪلين؟ ٻڌايائين ته وٽن رواج آھي، ھڪ ڀيري ھڪڙي ته ٻئي ڀيري ٻئي ڀيڻ ھڪٻئي کي کاڌي جي ڏي وٺ ڪري. پوءِ نينھان ھجي يا ٿڌ، وس ھجي يا ڏڪر، اھو رواج نڀائي پوءِ کاڌو کائيندا آھن.

ڪوھستاني ماروئڙا سياري ۾ ڪانڀ ڪڍي وھڻ مھل گوڏن کي ڪپڙي سان اھڙي ريت ٻڌي وھن جو سڄي جسم جو وزن گوڏن تي اچي پر پوءِ به ڪانڀ ڪونه ڀڄي. سياري ۾ مچ ڪچھري تي ڪانڀون ڪڍي وھي، راتين جون راتيون مارڪا ڪن ۽ مٺاڻ کي وڌيڪ پسند ڪن، جھڙوڪ چانھن پيئڻ وغيره.

ان کان علاوه سياري ۾ مند مطابق لھندڙ فصل جو ڪم ڪرڻ، ونگار وھڻ به ھتي جون عام سماجي ريتون آھن جن جي ھجڻ سان سماج ۾ ڀائيچارو قائم ھوندو آھي.