ڪوھستان جون رسمون ۽ رواج … مردن ۾ ٻه شاديون ڪرڻ جا رواجَ … سنڌو سنڌي

                 شادي ڪرڻ نه رڳو سنت آھي پر انساني خاندان قائم رکڻ ۽ نسل جي بقا لاءِ پڻ نھايت ئي اھم رشتو آھي. سنڌ جي ڪوھستان ۾ گهڻو ڪري ماڻھو اولاد جي شادي ڪرائڻ ۾ دير نه ڪن. مطلب جيئن ئي ٻار جوان ٿين ته شادي ڪري ڇڏين. ھتي جي ڪجھ ڳوٺن ۾ نه رڳو ھڪ پر ٻه يا ڪٿي ڪٿي ته ٽي ۽ چار شاديون ڪرڻ جو به رواج عام آھي، جنھن جا ڳچ سبب ٿين ٿا. عام طور اھو تصور ڪيو ويندو آھي ته ھڪ کان وڌيڪ شاديون رڳو پئسي ڏوڪڙ وارا ڪن ٿا پر مان ته ڪوھستان جي اھڙن ڳچ مردن کي به ڏٺو آھي جن جي مالي حالت عام ماڻھو جهڙي ھوندي آھي پر سندن ٻه يا ٽي شاديون ٿيل آھن ۽ ھو خوش زندگي گذارين پيا.

                 شادي ھڪ ھجي يا ٻه؛ يا ان کان وڌيڪ، ان ۾ ڪنھن کي ڪوبه عيب نه سمجهڻ کپي، نه ئي ان پٺيان مرد جي نيت ۾ کوٽ خرابي يا سماج ۾ مرداڻي سوچ جي وحشت يا دھشت ظاھر ٿئي ٿي پر ويتر عورتن جي آبادي جي وڌندڙ تعداد جي ڪري اڳتي ھلي اھا به صورتحال پئدا ٿي سگهي ٿي ته ھر مرد ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندو، تڏھن وڃي عورتن جا بھتر رشتا ٿيندا ۽ سماج ۾ صنفي برابري ايندي. ڇوته اڄڪلھ ڪوھستان سميت سموري سنڌ ۾ اڪثر مائٽ پنھنجي نياڻين جي رشتن جي ڪري پريشان ڏسجن ٿا.

ڪوھستان جي ڪجھ ڳوٺن ۾ اڪثر مردن کي ٻي شادي ڪندي ڏٺو اٿم. سٺي ڳالھ اھا ڏٺم ته انھن مان ڳچ مرد ٻنھي زالن ۾ برابري ۽ انصاف سان ھلن ٿا. جيڪڏھن اھو رواج وڌيڪ عام ٿيندو ته انجا ڪارائتا نتيجا ملندا، ڇوته سماج ۾ عورتن کي وڌيڪ عزت ۽ احترام ملندو. جتي برابري ۽ انصاف جي ڳالھ آھي، اتي ڪوھستان م ڪجھه مرد اھڙا به ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جيڪي زالن ۾ فرق رکندا آھن، يعني ٻن زالن ۾ اڻ برابري سان ھلن ٿا، جيڪا سٺي رَوش ناھي. ڇوته پنج ئي آڱريون برابر ناھن. ھر جڳھه ھر قسم جا ماڻھو ملن ٿا.

ڪوھستان ۾ ڪجھ ڳوٺن ۾ اھو رواج به آھي ته مرد کي ھڪڙي شادي کيس سندس مائٽ/ والدين ڪرائين ته ٻي شادي ھو پنھنجي پسند يا پيار جي ڪندو آھي. ڪٿي اولاد لاءِ ٻي شادي ڪن ته ڪٿي وري اولاد ۾ نياڻي يا پٽ نه ھجڻ ڪري يا وري زال جي وفات جي ڪري ٻي شادي ڪن. انھن سمورن سببن سان گڏ ھڪڙو دلچسپ سبب اھو پڻ ڏٺم ته ھڪڙي ڳوٺ ۾ ھڪ 55 سالن جي عمر واري سرڪاري ملازم شخص ھڪ طلاق يافته عورت سان ٻي شادي رڳو انڪري ڪئي ته سندس رٽائرمينٽ ۽ فوتگي کانپوءِ اھا عورت سندس پينشن جي به حقدار بنجي ۽ جيستائين ھو جيئرو آھي ته کيس ھر طرح مدد ڪري. اھا ڳالھ به وڻندڙ آھي.

مردن کان وڌيڪ عورتن ۾ پنھنجي مڙس کي ٻي عورت سان ونڊڻ نه رڳو عيب پر ڄڻ ڪو نسورو گناھه سمجهيو ويندو آھي. انڪري اھڙي سماج ۾ جنھن علائقي ۾ ڪا زال پنھنجي ئي مرد کي ٻي شادي نه رڳو ڪرڻ جي خوشيءَ مان اجازت ڏي پر پاڻ نچي ڪُڏي ڪري شادي ڪرائيس ته اھو رواج ڪوھستان کان علاوه ورلي ڪٿي ملي….! ياد رھي ته منھنجو ۽ منهنجي ور جسارت جو پيار سوشل ميڊيا جي استعمال ڪندڙن ۽ سنڌي توڙي انگريزي علم ادب جي ڏات ڌڻين آڏو 2011ع کان وٺي مشھور آھي پر اڄ مان فخر سان اھا ڳالھ ٻڌايائيندي ذرو به نه ٿي ڪيٻائيان ته مون پنھنجي ور جسارت جي ٻي شادي پاڻ ئي پنھنجي پسند تي رشتو چونڊي، ڪوٽڙي شھر ۾ ھڪ شادي ھال ۾ 19 مئي 2025ع تي ڪرائي آھي. جنھن ۾ مان نه رڳو خوش آھيان پر مون ڪاڄ ۾ خوب خرچ ڪيو ۽ نچي ڪُڏي ڪري سندس نڪاح (سندس نڪاح مشھور سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاري پڙھيو) ۽ شادي ڪرايم. جسارت جي ٻي گھرواري کي مان ۽ جسارت ٻئي ڄڻا شرعي حق سان گڏ ھر خوشي ڏئي اسان برابر رکون پيا. جنھن جي گواھي ھوءَ پاڻ ۽ اسانکي ڄاڻندڙ سڀ ماڻھو به ڏيندا. ٻڌائڻ جو مقصد اھو ته اسان ڪوھستان ۾ ڪا نئين رسم يا رواج ناھي وڌو پر اھو رواج اڳ ۾ ئي ھتي موجود ھو، اسان ته رڳو ان کي نئين ريت جياريو آھي. ڇا اھڙو ٻيو ڪو مثال ڪير ڏيندو؟