ڪوھستان جو رسمون ۽ رواج: … ٻار پالڻ جا رواجَ ۽ چند مثالَ

                 سموري دنيا ۾ ٻارن کي سانڍڻ،  پالڻ ۽ ھنج وٺڻ لاءِ اڪثر ڪري بي اولاد جوڙا پنھنجي آس پاس ۾ ڳولا ۽ ڪوشش ڪندي ڏسبا آھن. ان رواج کي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ جتي خانداني نظام آھي، عام جام ڏٺو ويو آھي. سنڌ جي ڪوھستان ۾ پڻ ساڳيو رواج سماجي ريتن وانگر موجود آھي. جنھن ۾ بي اولادن سان گڏ اولاد اوقات وارا ماڻھو به ٻارن کي ھنج وٺي، پنھنجو گھر آباد ڪندا ڏسجن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن جوڙي وٽ لڳاتار ٻار پئدا ٿيندا رھن ۽ اھي غريب ھجن ته ان صورت ۾ پڻ ماڻھو کين رٿيندا آھن ته توھان پنھنجو ٻار ڦلاڻي کي سانڍڻ لاءِ ڏيو. اھڙي صورت ۾ ٻار جا اصل والدين ڪڏھن ڪڏھن شروع ۾ ٻار ڏانھن پنھنجي اچ وڃ جاري رکندا آھن، جيڪا ٻار جي وڏي ٿيڻ تي ڪڏھن گهٽ ته ڪڏھن ماڳھين ختم ڪن. ڪٿي ڪٿي وري ٻئي ڪنھن کي پنھنجو ٻار ڏئي ماڻھو پنھنجو ٻار ماڳھين وساريو ڇڏين. ان ريت ٻار به سندن آسرو پليو ڇڏي ۽ کيس وڏي ٿيڻ کانپوءِ پنھنجن اصل ۽ ھنج ورتل مائٽن جي به خبر ناھي پوندي.

ڪوھستان درياھ دل ماڻھن جو علائقو رھيو آھي، ملير ڪراچي جي علائقن ۾ مون ڪجھ اھڙا جوڙا به ڏٺا، جن پنھنجي پھرين اولاد ڌيءَ يا پُٽ کي ئي سانڍڻ لاءِ پنھنجن کي ئي ھنج ۾ ڏنو آھي. ان مان ماڻھن جي درياھ دلي واضح ٿئي ٿي. نه ته عام طور ڪوبه ماڻھو پھرياتي اولاد کي ڪنھن ٻئي کي ھنج ۾ ناھي ڏيندو. دادو ضلعي جي ڪوھستاني علائقن ۾ رھندڙ بلوچ ۽ سنڌي قبيلن ۾ جڏھن ٻار ڪنھن کي ھنج ۾ ڏين ته ٻار جا اصل مائٽ پنھنجي ٻار سان لڳاتار نه رڳو رابطو رکن ٿا پر سندس تعليم ۽ ٻين معاملن ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا آھن. ٻار ھنج وٺڻ لاءِ يتيم ٻار جي صورت به قابل ذڪر آھي، جنھن ۾ خاص ڪري ماءُ جي وفات تي اھو ٻار ڪا ٻي عورت ھنج وٺي پالي ٿي. ان صورت ۾ ٻار کي ھتي ڪوشش ڪري اصلي ماءُ جي کوٽ محسوس ناھي ڪرائي ويندي، يعني ڀرپور پيار ڏين.

ڪوھستان جي مشھور ڳوٺ مالماڙي ۾ منھنجي سانڀر ۾ مون ڪيترن ئي اھڙن بي اولاد جوڙن کي ڏٺو آھي ته اھي پنھنجن کان ئي ٻار ھنج وٺي، پالين ۽ سانڍين پيا. منھنجو مشاھدو ھتي جي جانواڻي ۽ بادلاڻي پاڙن بابت آھي، جتي ڪيترن ئي بي اولادن کي پنھنجا ڀائر، ڀينرون ۽ سؤٽ ماسات پنھنجو اولاد ھنج وٺڻ لئه ڏيندا آھن، جيڪو ان کانپوءِ سموري زندگي انھن مائٽن جو ئي سڏرائيندو آھي، جن کيس ھنج وٺي پاليو ھجي. بادلاڻي پاڙي جي اھڙن جوڙن جا نالا ھتي مثال لاءِ لکان ٿي، جن پنھنجو پُٽ يا ڌيءَ سانڍڻ لئه ڪنھن ڀاءُ ڀيڻ يا سؤٽ کي ڏنو يا ڪنھن کان ورتو ھجي. محمد قبول ولد نبي گل (اول) پنھنجي وڏي ڀاءُ سومار خان (دوئم) کي پنھنجو پُٽ محمد فاروق ڏنو. ائين ئي شير افضل ولد حاجي شيردل (اول) پنھنجي وڏي ڀاءُ شير عالم کي پنھنجو پُٽ محمد زبير عرف جاني ڏنو. خير محمد ولد جڙيو خان پنھنجي وڏي ڀاءُ ﷲ بچايو (ثاني) کي پنھنجو پُٽ حاجي جمعو عرف خوشي ڏنو. ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي جي استاد طور مشھوري ماڻيندڙ مرحوم عبدالنبي بن نبي گل (اول) پنھنجي نياڻي رابعه سندس زال نصرت بانو جي وڏي ڀاءُ حاجي عبدالرحيم ولد بابا حاجي محمد (اول) کي ڏني. ساڳئي عبدالنبي پنھنجي ٻي نياڻي فائزه، وري محمد فاروق ولد سومار خان/ قبول کي ڏني. تازو ست سال اڳ عبدالسميع ولد عبدالنبي پنھنجو پُٽ عزير گُل پنھنجي ننڍي ڀاءُ محمد مدثر کي ڏنو.

ڪراچي ڀينس ڪالوني ملير ۾ رھندڙ ادا حاجي عنبر خان جي ڀاءُ ادا حاجي دلشاد علي ولد ولي گل (اول)، پنھنجو پُٽ سجاد علي سندس ئي وڏي ڀاءُ حاجي شمشاد علي کي ڏنو. ادا حاجي عنبر خان جي ننڍي ڀاءُ ۽ مشھور استاد حاجي انڙ خان ولد ولي گل (اول) پنھنجي وڏي ڀاءُ حاجي عنبر خان جي پُٽ نوجوان استاد ولي گل (ثاني) ولد حاجي عنبر خان کي پنھنجي نياڻي ڏني. مجنون خان (ثاني) ولد مرحوم ممتاز علي جوکيو (جيڪو جوکيا قبيلي جي ڄام سردار بجار خان جو 1985ع جي دوران جڏھن ميمبر سنڌ اسيمبلي ھو، تڏھن پاڻ سندس پرسنل سيڪريٽري جو ڪردار ادا ڪيائين) پنھنجو پُٽ حق نبي وري ولي گل (ثاني) ولد حاجي عنبر خان جوکيو کي ڏنو آھي. اھڙيءَ ريتَ بادل خان (ثالث) ولد خير محمد جڙيو پنھنجي ننڍي ڀاءُ محمد لقمان کي نياڻي ڏني. حاجي شيردل (اول) جي ننڍي فرزند حاجي محمد مبين پنھنجي گھرواري معموران خانم جي وڏي ڀاءُ مُسرت الياس ولد حاجي محمد الياس ”ھمغم“ کي، پنھنجو پُٽ محمد حاميم ڏنو. منھنجي ننڍي ڀاءُ عبدالباري ولد حاجي محمد (اول) پنھنجو ننڍو پُٽ خان محمد (ثاني) پنھنجي وڏي ڀاءُ حاجي عبدالرحيم جوکئي کي پُٽ ۽ ڀاڻيجي رابعه رحيم کي ڀاءُ ڪري ڏنو آھي. اھڙيءَ ريت مٿي ڏنل ٻارن مان خبر پوي ٿي ته گھڻي ڀاڱي ”وڏا ڀائر“ اولاد نه ھجڻ ڪري ”ننڍن ڀائرن يا ڀينرن“ کان اولاد ھنج وٺي پالين ٿا. ان رواج جي ڪري جتي بي اولاد جوڙا ٻارن وارا ٿين ٿا ته اتي ٻارن جي ڀرپور تربيت ۽ تعليم جو به بھتر بندوبست ٿئي ٿو.