ڪو به مقصد معصومن جو رت وهائڻ جو جواز ناهي: پوپ ليو

ڪو به مقصد معصومن جو رت وهائڻ جو جواز ناهي: پوپ ليو

ويٽيڪن سٽي (م ڊ) ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي پيشوا پوپ ليو چيو آهي ته ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي. هڪ بيان ۾ پوپ ليو چيو ته جنگ ۽ مفادن جي حوس مقدس ماڳن جي بي حرمتي ڪئي، مقدس ماڳن تي غيرانساني ۽ بي معنيٰ تشدد تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪو به مقصد معصوم رت وهائڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي، ڪو به فائدو ٻارن ۽ خاندانن جي جانين کان وڌيڪ نٿو ٿي سگهي.