اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پينشن ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، هن بجيٽ ۾ پينشن تي اسان جا 8 سئو ارب روپيا هليا ويا، ڪجهه سال اڳ تائين اها اڌ جيتري رقم هئي
قومي اسيمبلي۾ تقرير ڪندي اسحاق ڊار چيو ته گريڊ 17 کان مٿي جي ملازمن لاءِ هڪ کان وڌيڪ پينشز وٺڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو هڪ ئي وقت آرمي چيف، صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدن جون پينشنز وٺندا رهيا آهن، اهي پينشنز ڪيترن ئي نسلن تائين هلنديون رهيون
ناڻي وزير چيو ته هتي بيواهه جي فوت ٿيڻ بعد به وارث پينشن وٺندا رهن ٿا، هاڻي 10 سالن کانپوءِ پينشن نه وٺي سگهبي، پينشن ۾ سڌارا ڪندي سرڪاري ملازمن جو ڪنٽريبيوٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي