ڪيترا ئي ملڪ جلد ئي اسرائيل کي تسليم ڪندا: اسٽيو وٽڪوف

جُون 26, 2025

واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي صدر جي وچ اوڀر جي صلاحڪار اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته ناقابل تصور ملڪ جلد اسرائيل کي تسليم ڪندا.

هڪ بيان ۾ اسٽيو وٽڪوف چيو ته صدر ٽرمپ جي ڪوشش آهي ته ابراهام ٺاهه کي وڌايو وڃي. ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين صدارتي دور ۾گڏيل عرب امارات، بحرين، مراکش ۽ سوڊان اسرائيل کي تسليم ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته، اهي ملڪ جن جو ڪنهن تصور به نه ڪيو هو، جلد ئي اسرائيل کي تسليم ڪندا، ۽ هي عمل وچ اوڀر ۾ توازن آڻيندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب