هندستان جي وزير دفاع راج ناٿ سنگهه پاران سنڌ کي ‘تهذيبي طور تي هميشه انڊيا جو حصو’ سڏڻ بابت بيان کي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت “غير حقيقي، چڙ ڏياريندڙ ۽ خطرناڪ حد تائين تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ” جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. ڀارتي وزير دفاع، اڳوڻي نائب وزيراعظم لال ڪرشن آڏواڻي جو ذڪر ڪندي چيو هو ته هن (آڏواڻي) پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، “سنڌي هندو، خاص طور تي سندن نسل جا ماڻهو، اڄ تائين سنڌ کي انڊيا کان الڳ ٿيڻ قبول نه ڪري سگهيا آهن”. هن وڌيڪ چيو ته، “اڄ شايد سنڌ جي سرزمين انڊيا جو حصو نه هجي، پر تهذيبي طور تي سنڌ هميشه انڊيا جو حصو رهندي ۽ جيستائين تائين زمين جي ڳالهه آهي، ته سرحدون بدلجي سگهن ٿيون۔ ڪير ڄاڻي، سڀاڻي سنڌ وري ڀارت ۾ واپس اچي وڃي”.
هندستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ان نئين ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ اچو ڏسون ته تاريخ اسان کي ڪهڙي راهه ڏيکاري ٿي ۽ تاريخ ۽ سياست جا ماهر سنڌ جي معاملي بابت ڇا چون ٿا۔
انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ لکيل آهي ته، “موجوده صوبي سنڌ جو علائقو، جيڪو سنڌو دريا جي ڊيلٽا جو حصو آهي، سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جو مرڪز هو۔ ان تهذيب جي نشاندهي ۽ نمائندگي موهن جي دڙي ۽ ڪوٽ ڏيجي جهڙا ماڳ ڪن ٿا۔ هيءَ ابتدائي تهذيب لڳ ڀڳ 2300 قبل مسيح کان 1750 قبل مسيح تائين موجود رهي”.
موهن جي دڙي کان بمبئي پريزيڊنسي ۾ شموليت تائين:
برٽينيڪا ۾ لکيل آهي ته دنيا جي ٽن اولين عظيم تهذيبن (يعني ميسوپوٽيميا، مصر ۽ سنڌو ماٿري) مان سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ايراضيءَ جي حساب سان سڀ کان وڌيڪ وسيع هئي۔ هي تہذيب سڀ کان پهرين 1921 ۾ هڙپا (پنجاب) ۾ دريافت ٿي ۽ پوءِ 1922 ۾ موهن جو دڙو (موجوده سنڌ ۾ سنڌو درياءَ جي ڀرسان) دريافت ٿيو”.
سهيل ظهير لاري پنهنجي ڪتاب ‘اي هسٽري آف سنڌ’ ۾ لکي ٿو ته، “هيءَ تہذيب تقريباً موجوده پاڪستان جي پکيڙ واري خطي تي پکڙيل هئي ۽ ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ موجوده ڀارتي صوبن گجرات، راجسٿان ۽ هريانا تائين، جڏهن ته اولهه ۾ افغانستان تائين پکڙيل هئي”۔ هن لکيو آهي ته، “اونهاري ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي سياري جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ هوندو هو ۽ ان تبديليءَ منظم آبپاشي ۽ پوک لاءِ امڪان گهٽ ڪري ڇڏيا هئا۔ جيڪي علائقا آبپاشي، پوک ۽ زرعي علائقن لاءِ موزون هئا، اهي اصل ۾ ننڍا درياهه هئا۔ تنهنڪري هڙپا جي تہذيب جون گهڻيون وسنديون سنڌو درياءَ جي مرڪزي وهڪري کان پري هيون”.
“اها صورتحال اُن وقت تائين رهي، جيستائين هڙپائي ماڻهن 2500 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ واري دور ۾ هڪ انقلابي فيصلو نه ڪيو. يعني هڙپا ۽ موهن جي دڙي کي اڳواٽ طئي ٿيل نقشي موجب مرڪزي شهري مرڪز طور تعمير ڪرڻ، جيئن سنڌو درياءَ کي آمد رفت ۽ واپار لاءِ استعمال ڪري سگهجي”. هي شهر ان دور جي جديد ترقياتي منصوبن جي به نشاندهي ڪن ٿا، جن درياهه جي موڙ ڪري پنهنجي ترقي ڪئي اهي. “انتظامي طور، ان فيصلي سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن آباد هڙپائي ڳوٺن کي آبي مواصلات جي ڄار ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، جيڪو هن خطي ۾، جتي برساتن ۽ ٻوڏن دوران زمين سمنڊ وانگر بڻجي ويندي هئي، اچ وڃ جو سڀ کان بهترين طريقو هو. ان وسيلي هڙپا جي تہذيب کي اها سهولت به ملي ته اهي سامونڊي علائقن سان گڏ، هڪ طرف ايراني نار تائين ۽ ٻي طرف ڏاکڻي خطي تائين پکڙجي سگهي”. برٽينيڪا مطابق: ان کان پوءِ تاريخي رڪارڊ ۾ هڪ هزار سال کان وڌيڪ جو وقفو آهي. “پوءِ سنڌ جي (ايراني) هخامنشي سلطنت ۾ شموليت جو ذڪر ملي ٿو، جڏهن دارا اوّل ڇهين صدي قبل مسيح جي آخر ۾ ان کي فتح ڪيو”.
“تقريباً ٻن صدين بعد، سڪندرِ اعظم 326 ۽ 325 قبل مسيح ۾ هن خطي کي فتح ڪيو۔ هن جي وفات کان پوءِ سنڌ تي سلوقس اوّل نيڪيٽر، چندرگپت موريا (تقريباً 305 قبل مسيح)، پوءِ ٽئين کان ٻئين صدي قبل مسيح ۾ هند- يوناني ۽ پارٿي حڪمرانن، ۽ بعد ۾ پهرين صدي قبل مسيح کان ٻئين صدي عيسوي تائين سيٿين ۽ ڪشان حڪمرانن جو تسلط رهيو”. … “پهرين صدي عيسوي ۾ ڪشان دور ۾ سنڌ جي آبادي ‘ٻڌ مت’ اختيار ڪري ورتو۔ ٽئين کان ستين صدي تائين هي علائقو ايراني ساساني سلطنت جي حڪمراني هيٺ رهيو”.
برٽينيڪا جي تحقيق ۾ لکيو ويو آهي ته، “سن 711ع ۾ عرب ڏکڻ ايشيا ڏانهن رخ ڪري پهرين سنڌ آيا، جتي انهن اسلام جو بنياد رکيو. 712ع کان تقريباً 900ع تائين سنڌ اموي ۽ عباسي سلطنتن جي حڪمراني هيٺ صوبي ‘الِسند’ جي نالي سان ان جو حصو رهي، جنهن جو دارالحڪومت موجوده حيدرآباد کان 72 ڪلوميٽر اتر ۾ واقع المنصورہ شهر هو۔ خلافت جي مرڪزي طاقت جي ڪمزور ٿيڻ بعد، ڏهين کان 16هين صدي تائين ‘الِسند’ جي عرب گورنرن هن خطي ۾ پنهنجو مقامي ۽ خانداني راڄ قائم ڪري ڇڏيو ۽ مرڪزي حڪومت کان لاتعلق ٿي پنهنجي حڪمراني هلائي.”
16هين ۽ 17هين صدي (1591- 1700) ۾ سنڌ مغلن جي حڪمراني ۾ رهي، جنهن کان پوءِ ان کي ڪيترن ئي آزاد سنڌي رياستي خاندانن هلايو۔ ايستائين تائين جو 1843 ۾ آخري سنڌي حڪومت کي برطانوي فوج شڪست ڏني۔ ان وقت سنڌ جي گهڻن حصن کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو.
سنڌ پاڪستان جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟
پاڪستان جي باني محمد علي جناح پنهنجي 14 نقطن ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو۔ مسلمانن جي مطالبن تي برطانوي حڪومت 1936 ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري ڌاري صوبي جو درجو ڏنو۔ سن 1947 ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ کي مسلم اڪثريتي صوبو هئڻ سبب پاڪستان جو حصو بڻايو ويو۔ محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر محمد علي شيخ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، “ٻڌ مت جي راجا سهاسي- ٻيو” جي 28 سالن جي دورِ حڪومت ۾ رياست جا گهڻا معاملا سندس وفادار برهمڻ وزير چچ حوالي هئا۔ لڳ ڀڳ 642ع ۾ چيني سياح هسوان تسانگ سنڌ آيو ۽ هن لکيو ته, هتي ‘بي شمار اسٽوپا’ ۽ ‘سوين سنگهارامه جن ۾ لڳ ڀڳ ڏهه هزار راهب رهن ٿا’ موجود هئا۔
برطانوي تاريخدان جان ڪي پنهنجي ڪتاب ‘انڊيا، اَي هسٽري’ ۾ لکي ٿو ته، ٻڌ مت سنڌ جو سڀ کان غالب مذهب هو، پر هندو ازم به موجود هو، ۽ هتي لڳ ڀڳ ‘30 هندو مندر’ موجود هئا۔ … ستين صدي ۾ سنڌ جي سلطنت ۾ لڳ ڀڳ سڄي سنڌو ماٿري شامل هئي، سواءِ اترئين حصي جي۔ تخت نشين ٿيڻ بعد جڏهن چچ چڙهائيون ڪري فتحون حاصل ڪرڻ شروع ڪيون ته هن پنهنجي ملڪ جون سرحدون مقرر ڪرڻ جو هڪ انوکو طريقو ايجاد ڪيو، جتي هن مختلف علائقن ۾ انهن جي موسم جي حوالي سان وڻ لڳائڻ شروع ڪيا، جنهن مان انهن رياستن جي سرحدن جي خبر پئجي ويندي هئي. هو لکي ٿو ته، “جيڪڏهن اتر- اولهه ۾ فقط قديم گنڌارا جو علائقو شامل ٿي وڃي ها ته چچ جي رياست هڪ طرح جو پروٽو پاڪستان بڻجي وڃي ها”. (پهريون حصو)
Courtesy: BBC