ڪيترن ئي نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، ٻه يا ٽي اهم معاملن تي اختلاف موجود آهي: ايران

ڪيترن ئي نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، ٻه يا ٽي اهم معاملن تي اختلاف موجود آهي: ايران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسلام آباد ڳالهين جي ڪاميابي جو دارومدار آمريڪا جي سنجيدگي ۽ نيڪ نيتي تي آهي ۽ هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪنهن حتمي معاهدي تائين پهچڻ جي اميد نه رکڻ گهرجي۔ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن کي به جلد معاهدي جي اميد نه هئي ڇاڪاڻ ته حالتون ۽ معاملا پيچيده آهن ۽ ڪجهه نوان موضوع به انهن ڳالهين ۾ شامل ڪيا ويا آهن۔ هن چيو ته ايران سفارتي محاذ تي پنهنجن حقن ۽ مفادن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رکندو۔ ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ايراني وفد لاءِ اهو ڏينهن تمام مصروف رهيو، جتي پاڪستان جي نيڪ نيتي تي ٻڌل ڪوششن ۽ ٽياڪڙي هيٺ ڳالهيون بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيون۔ ان دوران ڌرين وچ ۾ ڪيترائي پيغام ۽ لکت وارن مسودن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته ڳالهين دوران آبنائي هرمز، جوهري معاملا، جنگي نقصانن جي ازالي، پابندين جي خاتمي ۽ خطي ۾ جنگ جي مڪمل خاتمي سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ اسماعيل بقائي چيو ته ڪيترن ئي نڪتن تي اتفاق ٿيو آهي پر ٻه يا ٽي اهم معاملن تي اختلاف سبب جامع معاهدو طئي نه ٿي سگهيو۔ ايران، پاڪستان ۽ خطي جي ٻين دوست ملڪن وچ ۾ رابطا ۽ مشاورت جاري رهندي، ڇاڪاڻ ته سفارتڪاري ڪڏهن ختم نٿي ٿئي ۽ اها قومي مفادن جي تحفظ جو اهم ذريعو آهي۔ هن چيو ته هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪاميابي جي اميد نه رکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن عمل جي ڪاميابي مخالف ڌر جي سنجيدگي، نيڪ نيتي ۽ ايران جي جائز حقن کي قبول ڪرڻ تي دارومدار رکي ٿي۔ اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته اسان ڳالهين جي ميزباني ۽ ان عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ نيڪ نيتي تي ٻڌل ڪوششن تي پاڪستان جي حڪومت  جا ٿورائتا آهيون.