ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 13, 2024

ملتان: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي، ماڻهن کي گهرجي ته چونڊ مهم شروع ڪن، خواهش آهي ته اسان رڳو عوام جا لاڏلا بڻجون، 8 فيبروري تي سرپرائيز ڏينداسين

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي يا نه ملي اسان پنهنجو بندوبست ڪري وٺندا آهيون، هڪ شخص جيل کان بچڻ ۽ ٻيو جيل مان نڪرڻ چاهي ٿو، عوام پراڻي ۽ نفرت واري سياست کي دفن ڪري نئين سياست جي حمايت ڪري

بلاول جي ملتان جي دوري دوران نون ليگ جو سينيٽر راڻا محمود الحسن، راڻا اقبال سراج ۽ راڻا طاهر شبير پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا

ٽنهي اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري پاران راڻا خاندان جي پ پ ۾ شموليت جي آجيان ڪئي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض