ڪير ٿيندو ملڪ جو نئون وزيراعظم؟ شهباز شريف ۽ عمر ايوب ۾ سڀاڻي دنگل ٿيندو: پي ٽي آءِ پاران اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو اعلان

مارچ 2, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو جڏهن ته شهباز شريف ۽ عمر ايوب وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار آهن، پي ٽي آءِ پاران اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي صبح جو 11 هين وڳي طلب ڪيو ويو آهي جنهن  ۾ قائد ايوان جي چونڊ ڪئي ويندي، ڳجهي ووٽ ذريعي چونڊ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن

شهباز شريف کي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي حماتي حاصل آهي جڏهن ته عمر ايوب پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا سني اتحاد ڪائونسل جو اُميدوار هوندو، ٻنهي اُميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا آهن

وزير اعظم لاءِ اتحادي جماعتن جي اميدوار شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ سيڪريٽري قومي اسيمبلي وٽ جمع ڪرايا ويا. جيڪي سيڪريٽري جنرل قومي اسيمبلي طاهر حسين وصول ڪيا. شهباز شريف جي مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن

قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مطابق شهباز شريف جي لاءِ 8 ۽ عمر ايوب لاءِ 4 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا جن کي جانچ پڙتال بعد منظور ڪيو ويو آهي، سني اتحاد ڪائونسل جو شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ متعلق اعتراض رد ڪيو ويو

واضع رهي ته 336 رڪني ايوان ۾ 169 ووٽ گهربل آهن ۽ اتحادي جماعتن کي 209 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، مسلم ليگ (ن) کي پيپلز پارٽي، بلوچستان عوامي پارٽي، ايم ڪيو ايم، استحڪام پارٽي جي حمايت حاصل آهي

 سني اتحاد ڪائونسل پاران عمر ايوب اميدوار آهي ۽ ايوان ۾ انهن جي ميمبرن جو تعداد 91 آهي قومي اسيمبليءَ ۾ قائد ايوان جي چونڊ اڄ آچر ڏينهن 3 مارچ تي ٿيندي. جنهن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي

هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي پي ٽي آءِ ميمبرن جو چوڻ آهي ته اڄ اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج ڪنداسين

Leave A Comment