| “ڪيس تان هٿ کڻ”جيڪب آباد ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار آسيا کوسو جي اغوا ڪوشش |
جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي ڳوٺ سخي همزو کوسو واسڻ ناري آسيا کوسو کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ۽ ڪيس جي پيروي ڪرڻ تي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ناري پنهنجي ڏاڏيءَ سميت ايس ايس پي آفيس پهتي جتي هن ڪمپلين سيل انچارج کي درخواست ڏئي موقف اختيار ڪيو ته هڪ ڏينهن اڳ مون کي اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي، چار هٿياربندن گهر ۾ گهڙي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ناهي ڪيو ويو جنهن جي درخواست جمع ڪرائڻ کانپوءِ ناري آسيا کوسو کي ايس ايس پي آفيس گهرائي تفصيل ورتا ويا ۽ ايس ايس پي خاطري ڪرائي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو. ناري آسيا کوسو ٻڌايو ته اسان مٿان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ آهي، اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، عدالت ۾ ڪيس پيروي ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، هن چيو ته مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪيپٽن ر فيضان علي ٻڌايو ته متاثره ناري موجب هڪ ڏينهن اڳ اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن جي جاچ جو ڊي ايس پي کي حڪم ڏنو آهي، ڪيس داخل ڪيو ويندو، جوابدار به گرفتار ڪرڻ سميت ناري کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، هوڏانهن ناري آسيا کوسو اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ نامزد ٿيل 8 جوابدارن سب انسپيڪٽر محمد نواز بروھي، اي ايس آءِ محراب سندراڻي، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالنبي ابڙو، برڪت جکراڻي، اهلڪار ياسين جکراڻي، خادم جکراڻي، مير حسن ابڙو، مقصود سنجراڻي پنهنجي وڪيل محمد اعظم عارباڻي جي معرفت جيل مان ضمانت لاءِ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جي دليل ٻڌڻ کان پوءِ آرڊر جاري ڪندي 8 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ياد رهي ته چار مهينا اڳ ناري آسيا کوسو کي پوليس ڳوٺ سخي همزو کوسو تي ڇاپي کانپوءِ کنڀي کڻي 7 ڏينهن تائين پنهنجي حراست ۾ رکيو هو جنهن کان پوءِ ناري پوليس اهلڪارن تي اجتماعي زيادتي جا الزام مڙهيا هئا جنهن واقعي جو ڪيس ايف آءِ اي پاران داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي جاچ اڃا تائين هلندڙ آهي.