“ڪيس نمبر 9 ” جي  ڪرن اصل ۾ ايئر هوسٽس نڪتي

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ٽي وي اينڪر شاهزيب خانزاده جي زال ۽ اداڪاره رشنا خان انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ اداڪاري کان اڳ ڪيبن ڪريو جو حصو هئي. خانگي ٽي وي جي سپر هٽ ڊرامي “ڪيس نمبر 9 ” ۾ ڪرن جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره رشنا خان جو  چوڻ هو ته هوءَ اداڪاري جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ايئر هوسٽس هئي.  هن چيو ته هوءَ ڪئناڊا ۾ وڏي ٿي، بعد ۾ ڪيبن ڪريو ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ دبئي شفٽ ٿي وئي، شادي کانپوءِ پاڪستان آئي. رشنا موجب کيس سفر جو تمام گهڻو شوق آهي، انهي ڪري هن ڪيبن ڪريو ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.  هن وقت تائين 60 کان 70 ملڪن جو سفر ڪري چڪي آهيان،  رشنا خان چيو ته  ڪيس نمبر 9  ۾ اداڪاري جي آڇ تي تمام گهڻي خوشي ٿي. مونکي فيصل قريشي، صبا قمر، آمنه شيخ ۽ نوين وقار جهڙن اداڪارن کان سکڻ جو موقعو مليو.