“ڪيس نمبر 9” : 26 ترميم ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي حوالي وارو منظر ڪاٽا

“ڪيس نمبر 9” : 26 ترميم ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي حوالي وارو منظر ڪاٽا

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي هڪ اردو چينل جي  ڊرامي ‘ڪيس نمبر 9’ جي تازي قسط جي يوٽيوب ورزن مان 26 هين آئيني ترميم ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي حوالي وارو منظر ڪاٽا ڪيو ويو، ناليواري اينڪر شاهزيب خانزادي  جو لکيل ڊرامو ‘ڪيس نمبر 9’ پنهنجي منفرد ڪهاڻي ۽ بهترين اداڪاري  ڪري ناظرين ۾ ڪافي مشهور آهي. ڊرامو هڪ عورت جي انصاف لاءِ جدوجهد کي ظاهر ڪري ٿو،  انهي ڊرامي  جي قسط نمبر 17 جي يوٽيوب ورزن تان هڪ اهم منظر ڊليٽ ڪرڻ کانپوءِ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي،  انهي منظر ۾ 26 هين آئيني ترميم ۽ جسٽس منصور علي شاهه جو حوالو شامل هو. ڊليٽ ڪيل لائين آمنه شيخ جي ڪردار بينش چئي، جيڪا صبا قمر جي ڪردار سحر جي وڪيل آهي. جڏهن فيصل قريشي جو ڪردار عدالت ۾ شاهدي ڏئي رهيو آهي جيڪو سحر جي ڪردار تي سوال اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هوءَ ڪنواري نه پر طلاق يافته آهي،  موٽ ۾ بينش مضبوط دليلن تي ٻڌل هڪ اثرائتي تقرير ڪري ٿي ۽ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلن جو حوالو ڏئي ٿي. جسٽس منصور علي شاهه ۽ سندس فيصلي جو حوالو ڏيندي هوءَ چوي ٿي ته جيڪڏهن 26 هين آئيني ترميم منظور نه ٿئي ها ۽ سندس رستي ۾ نه اچي ها ته اڄ هوءَ هن ملڪ جو چيف جسٽس هجي ها. موٽ ۾ مخالف وڪيل مرزا غالب جي هڪ نظم پڙهي چوي ٿو ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو آهي، جنهن 26 هين ترميم منظور ڪئي آهي. اربع جي رات قسط ڏسڻ وارن ناظريناهو منظر ڏٺو پر خميس جي صبح تائين اهو حصو چينل جي يوٽيوب اپلوڊ تان هٽايو ويو هو. هوڏانهن ڊرامي جي ليکڪ ۽ صحافي شاهزيب خانزادي ايڪس پوسٽ ۾ منظر جي غير ايڊٽ ٿيل حصي جو هڪ ڪلپ شيئر ڪيو آهي.