| ڪيلاش کي ويجهي کان گوليون لڳيون، گهڻو رت وهڻ سبب موت ٿيو، پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري |
پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري واسي ڪيلاش ڪولهي قتل ڪيس/ پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، ٻه مهينا اڳ پيرولاشاري جي ڳوٺ ڏاهو ڪولهي ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل 5 ٻارڙن جو پيءُ 33 ساله نوجوان پورهيت ڪيلاش ڪمار ڪولهي قتل جي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر محمد عديل پاران چار صفحن تي مشتمل رپورٽ پڌري ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ڪيلاش ڪمار ڪولهي جي موت جو سبب ويجهي کان گولي لڳڻ ۽ گهڻو رت وهڻ سبب ٿيو آهي، رپورٽ موجب گولي ايتري ته ويجهي کان هنئي وئي هئي جو گولي سيني کان آرپار ٿي وئي، جڏهن ته فوتي ڪيلاش ڪمار جي هٿ تي پڻ گولي جو نشان ٻڌايو ويو آهي، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر محمد عديل موجب ڪيلاش ڪمار ڪولهي کي گولي ويجهي کان هنئي وئي آهي، جنهن بعد رت تمام گهڻو وھڻ سبب موت واقع ٿيو آهي، ممڪن آهي ته ٻي گولي هٿ ۾ لڳي هجي جنهن سبب هٿ تي پڻ گهرو زخم رسيو آهي، ڊاڪٽر موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ تلهار ٿاڻي تي جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته تلهار پوليس پوسٽ مارٽم رپورٽ ملڻ جي تصديق ڪئي آهي،واضع رهي ته 2 مهينا اڳ پيرولاشاري ويجهو ڳوٺ ڏاهو ڪولهي ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي پاران معمولي تڪرار تان هاري ڪيلاش ڪولهي مٿان پسٽل جا سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪيو هو، قتل ڪيس جو مُک جوابدار زميندار سرفراز نظاماڻي گرفتار ٿيل آهي ۽ بدين جيل ڪسٽڊي آهي