ڪيلاش ڪولهي جو قاتل عدالت ۾ پيش، ڏوهه جو اعتراف، سهولتڪار سميت رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪيلاش ڪولهي جو قاتل عدالت ۾ پيش، ڏوهه جو اعتراف، سهولتڪار سميت رمانڊ تي پوليس حوالي

بدين (رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو) بدين ضلع جي شھر پيرولاشاري ڀرسان ڳوٺ ڏانو ڪولھي جي رھواسي ھاري ڪيلاش ڪولھي جي قتل ڪيس جي نامزد جوابدار سرفراز نظاماڻي کي تلهار ۽ بدين پوليس ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ  لاءِ جوابدار کي سول جج بدين جي عدالت پھچي جوابدار سرفراز نظاماڻي کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ لاء استدعا ڪئي جنھن بعد سول جج جي عدالت کيس سهولتڪار ظفر الله نيازي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته بدين پوليس موجب ته جوابدار کان رمانڊ جي ٽن ڏينھن اندر وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي، ٻئي پاسي قتل ڪيس جي جوابدار سرفراز نظاماڻي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيدي چيو ته مون کي ھاڻي وڏو پڇتاءَ  آھي، ڪيلاش ڪولهي پيءُ سان گڏجي لنگهه تي جهوپڙي ٺاهي رهيو هو، روڪيو ته ڪهاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، مون وٽ پسٽل هو، ڪيلاش جي پيءُ جو هٿ منهنجي پسٽل ۾ پئجي ويو، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتفاقي طور فائر ٿيو ۽ مان ڊپ سبب ڀڄي ويس.