ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف بدين ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو: قاتل تائين پهچي ويا آهيون: پوليس جي دعويٰ

ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف بدين ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو: قاتل تائين پهچي ويا آهيون: پوليس جي دعويٰ

بدين / راڄوخاناڻي (رپورٽ: شفيع جوڻيجو ۽ ونود ڪمار اداسي)بدين ۾ پيرو لاشاري جي ڳوٺ ڏاھو ڪولھي واسي نوجوان هاري ڪيلاش ڪولهي جي قاتل سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري لاءِ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته مظاهرين سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، جڏهن ته مقتول ڪيلاش جي امڙ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي بدين موجب اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اسان هڪ هفتي جي مهلت ورتي آهي پر اميد آهي ته اڳ ئي قاتل سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪيو ويندو، مقتول ڪيلاش جي امڙ ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيستائين قاتل سرفراز نظاماڻي گرفتار نه ٿيندو، ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف نعريبازي به ڪئي، ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ پيرو لاشاري ڀرسان سرفراز نظاماڻي جهوپڙي ٺاهڻ تي پسٽل جا فائر ڪري ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪيو هو.  ان ڏس ۾ احتجاج جي ٻئي ڏينھن ڌرڻي کي وڌائيندي بدين جي مختلف روڍن چوڪن تي به ڌرڻا ھنيا ويا ڪولھي فيڊريشن جي اڳواڻ پريم راٽوڙ ۽ ٻين جي اگواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوانن پاران ڪراچي کان بدين انڊس اسپتال واري باء پاس تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ بدين پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، بدين بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪم جو بائيڪاٽ ڪري وڪيل امير آزاد پنھنور جي اڳواڻي ۾ پير چوڪ تي لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، مقتول ڪيلاش جي گھر واري شريمتي لکي ڪولھڻ بدين تلھار پوليس خلاف نعري بازي ڪندي ۽ پٽون پاراتا ڏيندي ڌرڻي واري ھنڌ بيھوش ٿي ويئي، ڌرڻي جي 36 ڪلاڪن بعد ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي پير چوڪ ڌرڻي واري ھنڌ تاج پيٽرول پمپ تي پھچي ڌرڻي ڪاميٽي سان ڪامياب ڳالھيون ڪيون جنھن بعد ڌرڻي ڪاميٽي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته مقتول ڪيلاش جي ماءُ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو .  جنھن بعد ھزارين نوجوانن  ٻيھر پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ٻيھر ٿرڪول روڊ بند ڪري ڇڏيو،  ڪيلاش ڪولھي جي گھر واري پنجن ٻارن جي ماء مسمات لکي ڪولھي ٻارن سميت ماء ميران ۽ ٻين وارث عورتن سوڍي ڪولھي،لڇمي ڪولھي سان گڏ ال پاڪستان ڪولھي اتحاد جي سوين ماڻھن سان گڏ قوم پرست  اڳواڻ شاھنواز سيال ،امير ازاد پنھور ،ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ،رام ڪولھي، سانول گوپانگ، محمد حسن شاھاڻي سميت ھزارين ماڻھن سخت سردي ۾ 24ڪلاڪن کان پير چوڪ تي شاميانا ھڻي احتجاج تي ويٺل رھيا. روڊن جي سڀني پاسن کان گاڏين جي بيھڻ ۽  36 ڪلاڪ ٿر ڪول روڊ بلاڪ ھئڻ ڪري ٽريفڪ جام ٿي ويئي مسافر گاڏيون تبديل ڪري منزل طرف روانا ٿيندا رھيا، بدين پوليس صبح سوير کان پير چوڪ تي لٺين ۽ آنسو گئيس سان گڏ وڏي نفري ساڻ ڌرڻي واري ھنڌ بيٺي رھي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن جوابدار جي گرفتاري ۽ ايس ايڇ او تلھار کي فوري معطل ڪرڻ جا مطالبا ڪندا رھيا.  هوڏانهن پورھيت ڪيلاش ڪولھي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ پوليس پنجاب جي شهر بھاولپور پهچي وئي آهي. بدين جي سي آءِ اي انچارج گل حسن لغاري رابطو ڪرڻ تي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ماتلي پوليس جو ايس ايڇ او انسپيڪٽر شمس الدين کوکر ۽ آئون ( گل حسن لغاري انچارج سي آءِ اي بدين) ٽيم سان گڏ بھاولپور آيل آھيون جتي ڪيلاش جي قاتل سرفراز نظاماڻي تائين پهچي ويا آھيون ۽ انشاءالله رات جو کيس گرفتار ڪري بدين پھچنداسين ، ٻئي طرف جوابدار جي گرفتاري جو ٻڌي ماڻھن ۾ خوشيءَ جي لھر ڇانئجي وئي.
 

ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا
 

ڪراچي (نمائندن وٽان) پورهيت ڪيلاش ڪولهي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊوغلام حيدر ۾ ڪولهي برادريءَ مين حيدرآباد – بدين روڊ تي  شاھ بس اسٽاپ وٽ عالم چند ڪولهي. لالچند مڪواڻون. ويرجي پرمار. کيمچند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪيو.   تلھار ۾جسقم تعلقي تلهار جي ڪارڪنن ۽  ڪولھي برادري جي ماڻھن پاران محفوظ نوتڪاڻي ، آصف نظاماڻي ،  خالد سنڌي ، عاشق  چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  نئون ڪوٽ ۾ شيڊيول ڪاسٽ ڪائونسل پاڪستان نئون ڪوٽ پاران احتجاج ڪيو ويو، عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شريف ڀيل، ميان بخش کوسو، لياقت سھتو، منير ولھاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ، جڏهن ته ڪولهي برادري جي سڏ تي ڊاڪٽر مولچند نھرو لال ڪولھي پون ڪمار ڪولھي جڳمال اي ڊي مڪواڻه چندر ڪمار شيوارام سروڻ ڪمار ساگر ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار احتجاجي مظاهرو ڪري قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. گولاڙچي ۾ سنڌترقي پسند پارٽي جي تعلقي صدرنظيرحسين مري ء ڏاڪٽر سلطان  جي اگواڻي ۾ ٻه ڪلاڪ بدين ڪراچي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.