ڪيلن جا پن ڇو کنيا؟ نوشهري ۾ پورهيت جي آڱر ڪاٽي وئي 

ڪيلن جا پن ڇو کنيا؟ نوشهري ۾ پورهيت جي آڱر ڪاٽي وئي 

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ڀرسان ڪيلن جي باغ مان پن کڻڻ تان پورهيت جي هٿ جي آڱر ڪاٽي وئي، ان ڏس ۾ ڳوٺ کوڙي جي رهواسي 17سالن جي ڪاظم ڪلھوڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان چوپايو مال گاڏين ۾ لوڊ ڪراچي موڪيندا آهيون، جنهن لاءِ اسان گاڏين جي تري ۾ پهريان ڪيلن جا سڪل پن وڇائي پوءِ مال لوڊ ڪندا آهيون، آئون  ڳوٺ ڀرسان ڪيلن جي باغ مالڪ کان  سڪل پنن جي اجازت وٺي پن کڻي رهيو هئس، اوچتو ڪيلن جي واپاري پهچي گار گند بعد ڏاٽي جا وار ڪري هٿ جي آڱر وڍي ڇڏي هوڏانهن پوليس زخمي پورهيت ڪاظم ڪلهوڙو جي فرياد تي اين سي داخل ڪري ورتي.