فيصل آباد جي ملڪ پور واري علائقي ۾ ڪيميڪل جي هڪ فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽڻ سبب ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ فيڪٽري ۾ موجود ڪيميڪلن ۾ باھ لڳي وئي، جيڪا تيزيءَ سان ڀرپاسي جي ٻين عمارتن تائين پکڙجي وئي. ڌماڪو ايترو شديد هو جو 11 گهر تباهه ٿي ويا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن ٻارڙن سميت 21 ماڻھن جي فوت ٿيڻ ۽ وڏي تعداد ۾ زخمي ٿيڻ جون خبرون آهن. فيڪٽريءَ جي مئنيجر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فيڪٽريءَ جو مالڪ فرار ٿي ويو آهي. جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ طرفان ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري وئي آهي۔ رپورٽ موجب، فيڪٽري ۾ تمام گهڻو آتش گير مادو ذخيرو ٿيل هو۔ بي احتياطي ۽ غير تربيت يافته عملي سبب ڌماڪو ٿيو۔ سيلننڊر مان گيس ليڪيج، شارٽ سرڪٽ ۽ ڪيميائي مواد ڦاٽڻ سبب زور دار ڌماڪو ٿيو۔
فيصل آباد جي هڪ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ٿيل تازو ڌماڪو، جنهن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون، اسان جي صنعتي ڍانچي، ان جي قانوني پابندين ۽ نگراني جي نظام بابت ڪيترائي سوال کڻي آيو آهي. هر حادثي کان پوءِ افسوس جا لفظ، جاچ جا اعلان، ۽ ڪجهه ڏينهن جون مصلحتي سرگرميون نظر اچن ٿيون، پر حقيقي قدم ڪڏهن به کڄندي نظر نٿا اچن. نتيجي ۾ نه رڳو ڪارخانا خطري جا مرڪز بڻجي ويا آهن، پر هزارين مزدورن جون زندگيون هر گهڙيءَ خطري هيٺ آهن. توڙي جو اسان وٽ ڪارخانن بابت موجود ماحولياتي ۽ حفاظتي ضابطا جوڙيل آھن، پر مسئلو غيرسنجيدگي ۽ انھن ضابطن تي عمل نه ڪرڻ آهي. ڪيميڪل فيڪٽرين ۾ خطرناڪ مواد کي ذخيرو ڪرڻ، ٽرانسپورٽ، ۽ پروسيسنگ لاءِ عالمي سطح تي واضح معيار موجود آهن، جن جو مقصد ڪنهن به هنگامي صورتحال کي روڪڻ آهي. پر بدقسمتي سان گهڻيون فيڪٽريون بنا رجسٽريشن، بنا حفاظتي سامان، ۽ بنا تربيتي عملي جي هلي رهيون آهن. جڏهن انتظاميا ضابطن تي عمل نه ٿي ڪري يا حفاظتي انتظامن تي خرچ ڪرڻ کي بار سمجهي ٿي، تڏهن نتيجا هميشه تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون اچن ٿا. فيصل آباد وارو حادثو به ساڳي غفلت جو تسلسل آهي، جتي نه ته ڪارخاني ۾ ايمرجنسي ايگزٽ موجود هئا، نه ئي مزدورن کي حفاظتي سامان فراهم ڪيو ويو.
مزدور ملڪ جي صنعتي ترقي جو بنياد آهن، پر انهن جي زندگين جي حفاظت ترجيح تي نه آهي. ڪيميڪل، ٽيڪسٽائل، ۽ فلور ملز جا هزارين مزدور روزانو خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪن ٿا، جتي ڪڏهن زهريلي گيس، ڪڏهن مشينون، ته ڪڏهن باهه سندن حياتي کسي وٺندي آهي. ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ اهو معمول آهي ته مزدورن کي بنا ماسڪ، بنا گلووَز، ۽ بنا حفاظتي سامان جي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. نه کين ڪنهن قسم جي هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ جي تربيت ڏني ويندي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن سيڪيورٽي ڊرل ڪرائي ويندي آهي. نتيجي طور، جڏهن حادثو پيش اچي ٿو، تڏهن مزدور پاڻ بچائڻ جي قابل به ناهن هوندا. ٿيندو ائين آهي ته هر حادثي کان پوءِ سرڪاري ادارا حرڪت ۾ اچن ٿا، ڪجهه ڪارخانا سيل ڪيا وڃن ٿا، رپورٽون ٺهن ٿيون، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڀ ڪجهه اڳ وانگر ھلڻ لڳي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسئلو قانوني فريم ورڪ ۾ نه پر انهن ادارن جي ڪم ڪرڻ جي نيت ۽ صلاحيت ۾ آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اها فيڪٽري قانوني تقاضائن مطابق چيڪ ڪئي وڃي ها، ته ڇا ايترو وڏو حادثو ٿئي ھا؟ جيڪڏهن انساني زندگيءَ کي ترجيح ڏني وڃي ها ته ڇا فيڪٽري مالڪ ضابطا ٽوڙي سگهن ها؟ بدقسمتي سان انتظاميا، ليبر کاتو ۽ ماحولياتي نگراني جا عملدار گهڻن معاملن ۾ يا ته غيرفعال هوندا آهن يا پوءِ ڪارخانن سان مفاد پرستيءَ جي لاڳاپيل رشتن ۾ سلهاڙيل هوندا آهن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي حادثن کان پوءِ نوٽيس، جاچ ۽ بيانن کان اڳتي وڌڻو پوندو. مسئلي جو حل اھو آهي ته: هر ڪيميڪل ۽ صنعتي فيڪٽري کي لازمي حفاظتي معيار پورا ڪرڻا پوندا. ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙيءَ تي فوري ۽ سخت سزا مقرر ڪئي وڃي. نگراني ڪندڙ ادارن کي سياسي اثرن کان آزاد ڪيو وڃي. ٽيڪنيڪل ۽ ايماندار ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي. باقاعده، بنا اطلاع جي فيڪٽرين جو معائنو لازم قرار ڏنو وڃي. مزدورن کي ماهوار حفاظتي تربيت، ايمرجنسي ۾ منھن ڏيڻ طريقا سيکارڻ، ۽ مناسب سامان فراهم ڪرڻ لازمي ڪيو وڃي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن وٽ سڀني صنعتن جو مڪمل ڊيٽابيس هئڻ گهرجي، جنهن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل، انهن جي اسٽوريج جا طريقا، ۽ روزانو جي آپريشن جا تفصيل شامل هجن. جيڪڏهن ڪنهن حادثي ۾ فيڪٽري مالڪ يا عملدارن جي غفلت ثابت ٿئي، ته انهن خلاف سخت کان سخت قانوني قدم کنيا وڃن. پورھيتن سميت، ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جي پونئيرن کي معاوضو ڏنو وڃي ۽ زخمين جو علاج ڪرائڻ سان گڏ انھن جي ڪٽنبن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي. فيصل آباد جي ڄاڻايل فيڪٽري مالڪ، توڙي نگرانيءَ ۽ ماحولياتي ادارن جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.