| ڪيناڊا ۾ حادثو، موٽرسائيڪل اڏامي پول ۾ لڙڪي پئي |
وينڪوور (انٽريسٽنگ نيوز) ڪيناڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا ۾ ڊيلٽا بارڊر ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ۾ هڪ اسپورٽس موٽرسائيڪل اڏامي ٽريفڪ لائيٽ جي پول ۾ مٿي لٽڪي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب هي افسوسناڪ واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو، جنهن دوران هڪ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته حادثي دوران سندس موٽرسائيڪل ٽريفڪ لائيٽ اسٽينڊ ۾ وڃي ڦاٿي. ٻئي طرف ڪار ۾ سوار شخص حادثي ۾ محفوظ رهيو. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ موٽرسائيڪل کي ٽريفڪ لائيٽ جي پول سان لٽڪيل ڏسي سگهجي ٿو. غير معمولي منظر فوري طور تي علائقي جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو. ڪيترائي ماڻهو منظر ڏسڻ ۽ رڪارڊ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. بعد ۾ اختيارين صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪرين جي مدد سان موٽرسائيڪل کي هيٺ لاٿو.