ڪينجهر تي آيل ميهڙ واسي 3 نوجوان گم
جُون 29, 2025
ٺٽو (پنهنجي ڊيسڪ)ڪينجهر تي گهمڻ آيل ميهڙ واسي3 نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويا ، وارث سخت پريشاني جوشڪار آهن،
ميهڙ واسي دوست، خان محمدسولنگي، امجد علي سولنگي ۽ ياسر مهيسر گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا،ان موقعي تي نوجوانن جي وارثن جو چوڻ هو ته ٽئي نوجوان ڪينجهر گهمڻ ويا هئا،
نوجوانن شام جو فون ڪري واپسي بابت ٻڌايو، پر هن وقت تائين گهر ناهن پهتا، سندن ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي