| ڪينجهر جي پاڻي ۾ واڌ، جهمپير جا ڳوٺ ٻڏي ويا |
جهمپير ( ن پ ا ) ڪينجهر ڍنڍ ۾ مسلسل پاڻي جي واڌ سبب جهمپير جي ڳوٺ بکر ماڇي مولدي مياڻ جا ڪيترا ئي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا سردي واري موسم ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن ۔ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري رڌ پچاءَ توڙي رهڻ سهڻ مشڪل ٿي ويو گهرن اڳيان پاڻي تلائن جي صورت ۾ موجود رهيو، مڇرن جو آزار ۽ سخت سردي ۾ ننڍا ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا، ڳوٺاڻن موجب پاڻي ڏهاڙي جي بنياد تي وڌي رهيو آهي ۔ متاثر ڳوٺاڻن هتان جي چونڊيل نمائندن ڊي سي ٺٽو توڙي فلاحي ادارن کان اپيل ڪئي ته واهر ڪئي وڃي.