ڪينجهر ويجهو پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندڙ نينگري ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

مَي 12, 2023

ٺٽو ( رپورٽر ) ڪينجھر ويجھو ٺٽو  قومي شاهراهه تي ٺينگا اسٽاپ وٽ ڳوٺ غلام محمد ٺينگو واسي ڀٽو ٺينگو جي 12 ورهين جي نينگري عزيزا ٺينگو پاڻي ڀرڻ لاءِ روڊ ڪراس ڪرڻ دوران سامهون ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته نينگري جي فوت ٿيڻ تي وارثن پاران قومي شاهراهه تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي ٻئي پاسي ڪينجھر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽرڪ کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري روڊ کولراايو ويو، ننينگر ي جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

Leave A Comment