ڪينجهر ويندڙ سياحن سان ٺٽي ويجهو حادثو، 20 زخمي، سوزوڪي ۾ اسپتال منتقل

ڪينجهر ويندڙ سياحن سان ٺٽي ويجهو حادثو، 20 زخمي، سوزوڪي ۾ اسپتال منتقل

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراهه تي اٽڪ پيٽرول پمپ لڳ ڪراچي کان ڪينجھر ڍنڍ جي سير و تفريحي لاءِ ويندڙ سياحن جو ڪوسٽر تيز رفتاريءَ سبب ڊرائيور کان بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پيو نتيجي ۾ ڪوسٽر ۾ سوار اعظم، سليم، اُسامه، امداد، دلاور، وزيرخان، ثناءُ الله خان، رشيد، ريحان، ياسين، نعيم، بلاول ۽ امين سميت 20 کان مٿي سياح زخمي ٿي پيا، زخمي سياحن کي ريسڪيو ڪري سوزڪي پڪ اپ جي مدد سان سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪيو ويو جتان زخمين کي سندن وارث وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اسپتالن ڏانھن کڻائي روانا ٿي ويا.