| ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪرڪيٽ ميلو: سپر سڪسر فائنل نالي ڪري ورتو |
ٺٽو (رپورٽر) جهمپير لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ميربحر ڪرڪيٽ گرائونڊ تي جھمپير جي ڳوٺ محمد عباس ميربحر جي رھواسي سياسي، سماجي شخصيت مرحوم شفيع محمد ميربحر جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو فائنل ميچ سپر سڪسر ۽ بروهي اسٽارز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، جنھن ۾ سپر سڪسر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 103 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن ۾ نريش ڪمار شاندار بيٽنگ ڪندي 37 رنسون ۽ زاهد جاکرو 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، بروهي اسٽارز پاران سراج گوپانگ چار وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته 103 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي بروهي اسٽارز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 99 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 3 رنسن تان کين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. بروهي اسٽارز پاران نريش (ننا) 62 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، سپر سڪسر جي زبير پٺاڻ بهترين بالنگ ڪندي چار وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏھن ته ڪامياب ٿيل ٽيم جي رانديگرن کي جھمپير جي صحافي حميد پالاري انعام تقسيم ڪري سندن حوصلاافزائي ڪئي، ڪرڪيٽ تورنامينٽ ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ڪري رانديگرن کي خوب داد ڏنو.