ڪينجهر ۾ گدلاڻ وڌي وئي، سياحن اچڻ ڇڏي ڏنو، تفريحي ماڳ اجڙيل داستان بڻيل
جنوري 20, 2025
ٺٽو (رپورٽر) نيري پاڻي واري مشهور ڪينجهر ڍنڍ بابت معلوم ٿيو آهي ته آبپاشي کاتي جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ڪينجهر سنڌ جي وڏي تفريح جي مقام هجڻ ڪري پڻ هزارين ماڻهن جي آمد توڙي ڪينجهر ۾ هلندڙ بوٽس ۽ ٻيڙين ۾ لڳل انجڻين جي تيل ۽ انهن جي آئل جي تبديلي توڙي لاڳيتي ڍنڍ ۾ ڪرڻ سميت ڪراچي، ٺٽي، مڪلي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان ايندڙ ماڻهو ٿيلهون به ڍنڍ ۾ اڇلائڻ لڳا، هزارين سياحن جي اڇلايل پلاسٽڪ جي ٿيلهين، بوتلن ۽ ٻئي گند ڪچري سبب پڻ ڪينجهر ۾ گدلاڻ وڌي رهي آهي، جڏهن ته ڪينجهر تي ايندڙ سياحن جي مختلف تفريح وارن هنڌن تي لاڳاپيل کاتي سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (ايس ٽي ڊي سي) پاران مقرر ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ تفريح وارن هنڌن تي گند ڪچري اڇلائڻ جي جوڳي بندوبست نه هجڻ ۽ سون جي تعداد ۾ هلندڙ بوٽس ۽ سوين ايندڙ گاڏين جي ڪينجهر جي پاڻي ۾ بيهڻ ۽ انهن جي صفائي توڙي آئل جي تبديلي ۽ ڊيزل جي ڪرڻ کان بچاءَ لاءِ اثرائتا اپاءَ نه وٺڻ ڪري ڪينجهر ڏينهون ڏينهن گدلاڻ جي ور چڙهي رهي آهي.
24 هزار ايڪڙ 223 ايڪڙن تي ٻڌل ڍنڍ پکين جي آماجگاهه
ٺٽو : معلوم ٿيو آهي ته 24 هزار 223 ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل اونهي ڍنڍ ڪينجهر ۾ پڻ پکين جي وڏي پئماني تي مقامي پکين سان گڏ سياري جي مند ۾ ٿڌن ملڪن سائبيريا ۽ ٻين ملڪن مان وڏي پئماني تي ايندڙ پرديسي پکين جي آماجگاهه طور پڻ محفوظ ڍنڍن طور سڃاتي وڃي ٿي، پر مقرر وائلڊ لائيف کاتي پاران پرديسي پکين توڙي مقامي پکين جي شڪارين خلاف اثرائتا قدم نه کڄڻ ڪري ڪينجهر ۾ پکين جو شڪار عام ڏينهن کان سياري جي ڏينهن ۾ تيزي سان جاري هجڻ ڪري وڏي پئماني تي ڪينجهر ۾ پکين جي انگ گھٽتائي اچي وئي آهي، رامسر سائيٽ ۽ گيم سيڪنچري ڍنڍ هجڻ باوجود ڪينجهر ۾ پکين جي شڪار تي ضابطو نه اچڻ ڪري شڪارين پاران ڍنڍ ۾ وانجهارا لڳائي انهن ۾ رڇ هڻڻ سان گڏ ايمپلي فائر وسيلي رڪارڊ ڪيل پکين جو ٻوليون وڏي آواز۾ وڄائي پکين کي ڦاسائي انهن جون ڄنگهون ٽوڙي ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پر لاڳاپيل کاتو رامسر سائيٽ ۽ گيم سينڪچري قرار ڏنل ڪينجهر ڍنڍ ۾ پکين جي شڪار کي روڪڻ ۽ انهن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي، هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ايشياءَ جي وڏي اونهي ڍنڍ ڪينجهر جي ڀرپاسي وارن علائقن خاص ڪري ڪوهستاني يوسي جھمپير ۾ وڏي پئماني تي ونڊ ڪاريڊور جي قيام ۽ ونڊ پروجيڪٽ سبب انهن جي وڏي آواز توڙي پکين جي رستي ۾ رڪاوٽ سبب پڻ پکين جي آمد ۾ تيزي سان ڪينجهر ۾ گھٽتائي اچي وئي آهي.
ڪينجهر ۾ مڇي جو شڪار نه ٿيڻ سبب ماضي جا امير مهاڻا هاڻي ڪاٺيون ۽ پٿر وڪرو ڪرڻ تي مجبور
ٺٽو: ڪلري بگھاڙ واھ اپر جي 24 آر ڊي وٽ چلھه سائيڊ تي ڪينجهر ۾ پاڻي جي داخل ٿيڻ وقت جالي جي نه هجڻ ڪري ڪينجهر جي مڇي ڪينجهر مان نڪري لنڪ ڪئنال ۽ سنڌوءَ مان ايندڙ ڪلري بگھاڙ واھ جي مٿانهين پاسي نڪرڻ ڪري ڪينجهر مان مڇي تيزي سان گھٽجي رهي آهي ۽ ڪينجهر ۾ مڇي جي گھٽجڻ ڪري هتان جي رهواسين پاران مڇي جي شڪار بدران، ڪاٺيون ڪرڻ سان گڏ پٿر ۽ ٻئي ڪم سانگي لڏپلاڻ ڪئي وئي آهي