ڪينسر کان جنگ کٽيندڙ پيرسن شهر  کي ساوڪ ۾ بدلائي ڇڏيو

ڪينسر کان جنگ کٽيندڙ پيرسن شهر  کي ساوڪ ۾ بدلائي ڇڏيو

نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڪينسر کان جنگ کٽيندڙ پيرسن شهر  کي ساوڪ ۾ بدلائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست آسام ۾ ڪليداس نالي هڪ شخص 2006 ۾ ڪينسر جهڙي  موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو  ۽ لاڳيتو 19 سال ڪينسر سان حياتي جي جنگ جوٽي ۽ 61 سالن جي ڄمار ۾ پهچڻ باوجود ڪينسر  مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيتوڻيڪ سندس وارثن  بيماري جي شدت ڏسي اميدون ختم ڪري ڇڏيون هيون پر ڪليداس نااميد نه ٿيو ۽ علاج ڪرائيندو رهيو، ڪينسر سان جنگ کٽيندڙ  ڪليداس جا پيرسن ٿيڻ باوجود جذبا جوان رهيا ۽ هن پنهنجي شهر کي سائو ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو، پيرسن شهر ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي ۽ شهر جي سمورن 16 وارڊز ۽ ڀرپاسي ڳوٺن کي گرين زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو