ٽورنٽو (م ڊ) ڪينيڊا جي سماجي ڪارڪن جاسمين هارٽن پوليس آفيسر جي قتل جو الزام ثابت ٿيڻ باوجود جيل جي سزا کان بچي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عدالت 34 ورهين جي جاسمين کي 30 هزار پائونڊ ۽ 300 ڪلاڪ ڪميونٽي سروس جي سزا ٻڌائي. جاسمين هارٽن کي اپريل ۾ هڪ پوليس آفيسر جي قتل جو الزام ثابت ٿيڻ تي ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو.
عدالتي فيصلي موجب کيس 30 هزار پائونڊ هڪ سال جي اندر ادا ڪرڻا آهن ٻي صورت ۾ کيس 12 مهينا جيل جي سزا ٿي سگھي ٿي ان سان گڏ کيس هڪڙو وڊيو پيغام به جاري ڪرڻو آهي جنهن هوءَ نشي جي حالت ۾ اسلحي جي غلط استعمال جي نقصانن کان ماڻهن کي آگاهه ڪندي.
جاسمين هارٽن پنهنجي بيان ۾ عدالت کي ٻڌايو هو ته هو پنهنجي دوست برطانوي واپاري لارڊ مائيڪل ايشروف جي پٽ اينڊريو ايشروف سان گڏ هڪ ٻيٽ تي پارٽي ڪري رهي هئي، هو ٻئي نشي جي حالت ۾ هئا سندس دوست هن کي پنهنجي گَن سنڀالڻ لاءِ ڏني.