ڪينيڊين اڳوڻي وزيراعظم جي ڪرسي ڪل ملڪيت، پارليامينٽ مان کڻي ويو

مارچ 12, 2025

اوٽاوا(م ڊ) اڳوڻي ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پنهنجي خريد ڪيل ڪرسي پارليامينٽ مان کڻي ويو، ڪُرسي کڻي پارليامينٽ مان وڃڻ واري جسٽن ٽروڊو جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي صارفين طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب پارليامينٽ ميمبرن طرفان پنهنجي ڪرسي خريدڻ واري روايت موجود آهي. جسٽن ٽروڊو به وزيراعظم طور 9 سال پنهنجي استعمال ۾ رهڻ واري ڪرسي پنهنجن پئسن تان ورتي هئي.

Leave A Comment