ڪينڊي شاپ فيم گلوڪار نيها ڪڪڙ پاران وقفي جو اعلان

نئين دهلي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ڳائڻي نيها ڪڪڙ اعلان ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجن ذميوارين، رشتن ۽ ڪم کان وقفو وٺي رهي آهي، ڪجهه منٽن بعد هن پنهنجو نوٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو. ميڊيا موجب نيها سومر تي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي اعلان ڪيو، جيڪو ٿوري دير کانپوءِ ڊليٽ ڪري ڇڏيو. ڀارتي رياست اتراکنڊ جي 37 سالن جي ڳائڻي کي ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي گاني ڪينڊي شاپ سبب سخت تنقيد ۽ ٽرولنگ جو منهن ڏسڻو پيو هو، جنهن کانپوءِ هن اعلان ڪيو ته هوءَ ڪجهه وقت وقفو ڪندي، نيها ڪڪڙ چيو هو ته هوءَ پنهنجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي وٺي رهي آهي، جنهن ۾ رشتا به شامل آهن، هن اهو به اعتراف ڪيو ته کيس خبر ناهي ته هوءَ واپس ايندي يا نه؟