اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وڪيل بابر اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ٿي چڪي آهي، اهو ڪينگرو ڪورٽ جو فيصلو هو جيڪو اڄ معطل ٿي ويو
بابر اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين هو ۽ رهندو، وزيراعظم، گهرو وزير عمران جي آزادي يقيني بڻائن، نگران حڪومت اهڙو ڪو ڪم نه ڪري جو ڀروسو کڄي وڃي، هن چيو ته عمران جي آزادي بعد پارٽي ۽ قوم اليڪشن ڏانهن وڌندي