| ڪيوبا ۾ تيل ذخيرا ختم، بجلي جي بدترين بندش، مظاهرا |
هوانا (م ڊ) ڪيوبا ۾ تيل ذخيرا ختم ٿي ويا، گادي واري شهر هوانا ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا، خابرو ايجنسي موجب ڪيوبا تيل ذخيرا ختم ٿيڻ تي بجلي جي بدترين بندش کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪيوبا جي توانائي وزير چيو ته ملڪ ۾ روس پاران موڪليل تيل جا ذخيرا هاڻي ختم ٿي چڪا آهن، ناڪابندي جي ڪري ٻارڻ نه ملي رهيو آهي.