ڪيوبا ۾ رجيم چينج، ڪولمبيا، ميڪسيڪو، ايران تي حملي ۽ گرين لائن تي قبضي جي ڌمڪي: ڀارت خلاف ٽيرف وڌائي سگهون ٿا: ٽرمپ

ڪيوبا ۾ رجيم چينج، ڪولمبيا، ميڪسيڪو، ايران تي حملي ۽ گرين لائن تي قبضي جي ڌمڪي: ڀارت خلاف ٽيرف وڌائي سگهون ٿا: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا کانپوءِ ڪولمبيا، ڪيوبا، ميڪسيڪو ۽ ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن وينزويلا درست رويو اختيار نه ڪيو ته آمريڪا ٻيو حملو به ڪندو. جڏهن ته گرين لينڊ جي اسان کي ضرورت آهي.  ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي وينزويلا ۾ تيل ۽ ٻين وسيلن تائين مڪمل پهچ حاصل هجڻ گهرجي، وينزويلا درست رويو اختيار نه ڪيو ته آمريڪا ٻيو حملو به ڪندو. هن وينزويلا ۾ اقتدار سنڀاليندڙ نائب صدر ڊيلسي روڊريگز کي به ڌمڪي ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن هن درست ڪم نه ڪيو ته کيس مادورو کان وڌيڪ ڳري قيمت چڪائڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته وينزويلا جي صدر کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪيوبا جي حڪومت هاڻي آمريڪي مداخلت کان سواءِ ڪري پوندي. ڪيوبا وٽ هن وقت آمدني جو ڪو به ذريعو ناهي. اهي وينزويلا کان پئسا حاصل ڪندا هئا، پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه اتان ئي بند ٿي ويندو. ٽرمپ چيو ته نيڪولس مادورو کي گرفتار ڪرڻ جي ڪارروائي ۾ ڪيوبا جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته اسان کي ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. آمريڪي صدر چيو ته ڪولمبيا به منشيات جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي جيڪڏهن انهن اها ڪارروائي بند نه ڪئي ته حملو ڪري سگهون ٿا. ٽرمپ ڪولمبيا کي تمام بيمار قرار ڏنو ۽ چيو ته هي ملڪ هڪ بيمار ماڻهو هلائي رهيو آهي جيڪو ڪوڪين ٺاهڻ ۽ آمريڪا کي وڪڻڻ پسند ڪندو آهي. ٽرمپ چيو ته هو گهڻو وقت تائين اهو نه ڪري سگهندو. هڪ رپورٽر پاران پڇيو ويو ته ڇا ڪولمبيا خلاف فوجي ڪارروائي ٿيندي، ٽرمپ جواب ڏنو ته مون کي لڳي ٿو ته اهو سٺو هوندو. جڏهن ته ميڪسيڪو مان به اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ٿي رهي آهي انهن کي ماڻهن کي روڪڻ ۽ منشيات جي فراهمي بند ڪرڻ گهرجي. ميڪسيڪو پاڻ کي ٺيڪ ڪري نه ته اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گرين لينڊ فوجي لحاظ کان اهم ترين ملڪ آهي ان جي اسان کي ضرورت آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو وري ايران کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تهران ۾ جاري احتجاجي مظاهرن دوران وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا ته آمريڪا زوردار حملو ڪري سگهي ٿو. آمريڪا جي صورتحال تي نظر آهي ۽ جيڪڏهن ايراني حڪومت احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال جاري رکيو ته واشنگٽن سخت ردعمل ڏيندو. هن چيو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي گهر تي ڊرون حملي جا ثبوت سي آءِ اي کي نه مليا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت خلاف ٽيرف وڌائڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ڇاڪاڻ ته ڀارت روسي تيل گهرائڻ بابت تعاون نه ڪري رهيو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مون کي خوش ڪرڻ لاءِ روس کان تيل نه وـڻ جو چيو هو. اصل ۾ وزيراعظم مودي هڪ تمام سٺو ماڻهو آهي. هن کي خبر هئي ته مان خوش نه آهيان، مون کي خوش ٿيڻ جي ضرورت آهي. هو ڪاروبار ڪري ٿو ۽ اسان جلد ئي هن تي ٽيرف وڌائي سگهون ٿا.