| ڪيويز اوپننگ جوڙي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون ٺاهڻ جو رڪارڊ جوڙي ورتو |
مائونٽ مونگنوئي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي اوپنرن ويسٽ انڊيز خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ غير معمولي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ڪيوي اوپنرن مائونٽ مونگانوئي ۾ جاري ميچ ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، جيڪو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اڄ تائين ڪير به انجام ناهي ڏئي سگهيو. ٽام ليٿم ۽ ڊيون ڪانوي پهرين اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪندي رڪارڊ پارٽنرشپ قائم ڪئي، ڪانوي ڊبل سينچري ٺاهيندي 277 رنسون ۽ ٽام ليٿم 137 رنسون اسڪور ڪيون. ٻنهي بيٽرن تاريخي ڪارنامو ٻي اننگز ۾ انجام ڏنو، جڏهن هنن هڪ ڀيرو ٻيهر سينچريون اسڪور ڪيون، ليٿم 101 ۽ ڪانوي 100 رنسون ٺاهيون. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪنهن به ٽيم جي ٻنهي اوپنرن هڪ ئي ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون هجن. گڏوگڏ ڊيون ڪانوي هڪ ٽيسٽ ۾ ڊبل سينچري ۽ سينچري اسڪور ڪندڙ نيوزيلينڊ جو پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.