| ڪيو اي ٽي پاران شهيد فاضل جي ورسي ۽ هاري ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌي ھاري تحريڪ (ڪيو اي ٽي) پاران 11 جنوري 2026 تي ڪڙيو گھنور شھر ۾ شھيد فاضل راهو جي 39 ورسي ۽ ھاري ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي ان موقعي تي سنڌي ھاري تحريڪ مرڪزي چونڊ ٿيندي. پروگرام جو مھمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو جن هوندا ۽ صدارت سنڌي ھاري تحريڪ جو نئون چونڊيل مرڪزي صدر ڪندو. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ دشمن ۽ غلط پاليسين جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي، سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن.