حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي ۽ ناهيد خان حيدرآباد ۾ قاسم آباد پرنس ٽائون ۾ سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي
ملاقات ۾ ملڪ، سنڌ ۽ موجوده عالمي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھه ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي
هن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين، ڪرپٽ حڪمران دولت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، پيپلزپارٽي ۽ وفاق سنڌ جي غربت ۽ تباهي کان لاتعلق آهن
سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ادارا تباھ آھن، ڳوٺ فقير ۽ شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، سمورن ڪرپٽ آفيسرن، وزيرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي، ادارا ۽ عدليا سنڌ جي ڪرپشن ۽ تباهي کان لاتعلق آهن، ڊجيٽل مردمشماري رد ڪريون ٿا جنهن ۾ سنڌ سان جعلسازي ڪئي وئي آهي
ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان چيو ته اسين قومي عوامي تحريڪ کي 8 آڪٽوبر تي ڪامياب جلسه عام تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي، 2018ع جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي. اسين ملڪ ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا
هنن چيو ته نگران حڪومت جي نالي تي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جاري آهي، سنڌ ۾ پاڻي، ميونسپل ۽ ڊرينيج جا سمورا ادارا ناڪام ٿي ويا آهن
سندن چوڻ هو ته سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي، خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن خلاف گڏجي وڙهندا،عدالتن کي گهرجي ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ لٽ مار جو حساب وٺن، جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي