ڪيٽي بندر(ن پ ا) ڪيٽي بندر جي ڳوٺ جھالو مان 20 ڏينهن اڳ نوجوان اسماعيل ٺاڪرو جي وارثن کي گھوٽڪي مان ڌاڙيلن 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.
ڌاڙيلن مغوي اسماعيل ٺاڪرو کي سندس سئوٽ بشير ٺاڪرو سان فون تي پڻ رابطو ڪرايو .
اسماعيل ٺاڪرو پنھنجي وارثن کي چيو آهي ته +اڙيلن کي ويھ لک روپيا ڀنگ ڏئي مون کي آزاد ڪرايو .
فون اچڻ کان پوءِ مغوي اسماعيل ٺاڪرو جا وارث پريشان ٿي ويا آهن ته ھو غريب ماڻهو آھن مزدوري ڪري پنھنجو گذر سفر ڪندا آھن. ھيڏي رقم ھو ڪٿان آڻيندا .