ڪيٽي بندر ساحلي پٽي ۾ چراگاهه ختم، اُٺ بکن ۾ پاهه، 3  مري ويا، روزگار خطري ۾

ڪيٽي بندر ساحلي پٽي ۾ چراگاهه ختم، اُٺ بکن ۾ پاهه، 3  مري ويا، روزگار خطري ۾

ڪيٽي بندر (ن پ ا) ڪيٽي بندر لڳ ڳوٺ حاجي صديق فقيراڻي .گل محمد  جت . اسماعيل جت ۾ تازو وڌيڪ ٽي اُٺ خوراڪ نه ملڻ ڪري مري  ويا آهن، جڏهن ته گذريل مهينن دوران اهڙن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي. مقامي مالوندن جو چوڻ آهي ته سندن اُٺن جي بنيادي خوراڪ سامونڊي ڪناري تي قدرتي طور وڌندڙ تمر جا وڻ آهن،  جيڪي سمنڊ جي مختلف ٻيٽن ۾ آھن.جن تائين هاڻي رسائي بند ڪئي وئي آهي. تمر جي وڻن تي ٻيلي کاتي طرفان پابندي لڳڻ بعد روايتي چراگاهه ختم ٿي ويا آهن، جنهن ڪري اُٺن لاءِ متبادل خوراڪ جو ڪو بندوبست موجود ناهي. ڪيترائي اُٺ انتهائي ڪمزور حالت ۾ بيمارين جو شڪار آهن. هنن چيو ته ڪراچي کان وٺي ڪاجهر ڪريڪ تائين مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ سوين خاندان اُٺ پالڻ سان لاڳاپيل روزگار سان وابسته آهن، جيڪي هاڻي سخت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن .