| ڪيٽي بندر لڳ شڪارين جو هوڙو اونڌو،9 ڄڻا سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي ويا، هڪ لاش هٿ |
ملير/ ڪيٽي بندر/ڳاڙهو (نمائندن وٽان) ڪيٽي بندر لڳ پکي جو شڪار ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويل ھوڙو ٻڏي ويو .ھوڙي ۾ 9 مھاڻا شامل ھئا .جن مان 7 ڄڻن کي بچايو ويو . جڏهن ته ڪراچي واسي ظھير پنجابي ولد احمد جو لاش ھٿ ڪيو آهي . ھڪ ڄڻو نالي واحد گبول ولد عيسئ گبول پڻ جيڪو پپري گلشن حديد جو آھي اڃان تائين گم آھي . جنھن جي پاڪ نيوي .ميري ٽائم ايجنسي ۽ مقامي ماڻهو ڳولھا ڪري رھيا آهن .بچي ويلن ۾ عبدالرحمان گلڙي . ممتاز گلڙي .رزاق گبول .رياض مھاجر . ارسلان مھاجر ۽ غلام نبي قاضي شامل آهن .جن کي مقامي ماهيگيرن بچايو .ھوڏانھن اطلاع ملڻ تي ٻڏي ويل پپري واسي ظھير پنجابي جو والد احمد پنجابي ۽ ھن جي گھرواري صائمه ڪيٽي بندر پھچي لاش صحت مرڪز ڪيٽي بندر مان وصول ڪري ايڌي ايمبولينس جي ذريعي ڪراچي کڻائي ويا، آخري اطلاعن تائين ڳولا باوجود واحد گبول جو لاش ملي نه سگھيو آهي .ٻئي پاسي شڪايتون آيون ته لاش ڳولڻ لاءِ ريسڪيو عمل انتهائي سست رفتاري جو شڪار آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران ڪو به رابطو نه ڪيو ويو ، هوڏانهن ٻڏي فوت ٿي ويل جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.