ڪيٽي بندر مان گم پورهيت جو ٽن ڏينهن بعد لاش هٿ

ڪيٽي بندر مان گم پورهيت جو ٽن ڏينهن بعد لاش هٿ

ڪيٽي بندر ( ن.پ.ا) ڪيٽي بندر لڳ ڳوٺ ابو جت جو رھواسي نوتڪ جت جو لاش ھٿ اچي ويو آهي .گم ٿيل  نوتڪ جت جو لاش حجامڙو ڪريڪ وٽ پاڪستان نيوي ۽ مقامي ماهيگيرن ھٿ ڪري ورتو آهي. جنھن کان پوءِ پاڪ نيوي جي اھلڪارن ھٿ آيل چاليھ سالا مرحوم نوتڪ جت جو لاش ايمبولينس جي ذريعي ڳوٺ ابو جت آندو جتي مرحوم نوتڪ جت جو لاش سندس وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.ياد رھي تہ ٽي ڏينهن اڳ فوتي نوتڪ جت جھنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ جي لاءِ ويل ھو .