ڪيٽي بندر ويجهو ٻڏي ويل ماهيگير جو لاش نه مليو:گهر ۾ ڪهرام

ڪيٽي بندر ويجهو ٻڏي ويل ماهيگير جو لاش نه مليو:گهر ۾ ڪهرام

ڪيٽي بندر(ن پ ا) ڪيٽي بندر ويجهو ٻڏي ويل ماهيگير جو لاش نه مليو، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. 2 ڏينهن اڳ ڪَاجَھر ڪِريڪ وٽ سمنڊ ۾ ھوڙو بحري جھاز سان ٽڪرائڻ بعد ٻڏي ويو ھو . جنهن ۾ سوار 20 ماھيگير به ٻڏي ويا  ھئا، جن مان 19 ڄڻن کي مقامي ماھيگيرن بچائي ورتو، جڏھن ته ھڪ ماھيگر آصف شير محمد بلوج ٻڏي ويو ھو . جنهنجو لاش اڃان تائين نه ملي سگهيو آھي .ميري ٽائيم سيڪورٽي ايجنسي پاڪ نيوي سميت مقامي ماھيگرن  جو ريسڪيو آپريشن ٻن ڏينھن کان جاري آهي. پر اڃان تائين لاپتا ٿيل ماھيگير جو  لاش ملي نه سگھيو آهي .گهر ۾ڪهرام متل آهي .