| ڪيٽي بندر: ٻئي ڏينهن به فوتي جو لاش نه مليو، ڳولا جاري |
ڪيٽي بندر (ن پ ا) گذريل ڏينهن ڪيٽي بندر ويجھو مڇيءَ جو شڪار ڪندي ھوڙي ۾ ٻڏي ويل پيپري واسي عبدالواحد گبول جو ٻئي ڏينهن به لاش ھٿ اچي نه سگھيو .ٻئي ڏينهن به علائقي جي ماڻھن ۽ گم ٿيل عبدالواحد گبول جي وارثن پاران ڳولا ڪئي پئي وڃي، پر عبدالواحد گبول جو لاش اڃان تائين ملي نه سگھيو، ريسڪيو آپريشن ۾ مقامي ماهيگير .پاڪ نيوي ۽ ميري ٽائم ايجنسي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن .ھوڏانھن ڪيٽي بندر جي اسسٽنٽ ڪمشنر ساجد علي پھوڙ ڪيٽي بندر پھچي گم ٿيل واحد گبول جي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ۽ ھن وارثن کي يقين ڏياريو ته ضلعي ٺٽي انتظاميه توڙي تعلقي ڪيٽي بندر جي انتظاميه ھنن جي گم ٿيل واحد گبول جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي ويندي .