ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ شهر سميت سوين ڳوٺ خالي: ٿر ۾ ايمرجنسي لاڳو

جُون 14, 2023

ٺٽو/ بدين/ جاتي/ڳاڙهو/ڇاڇرو/مٺي (نمائندن وٽان) ٺٽي ضلعي جي انتظاميه سنڌ جي تاريخي شهرن  ڪيٽي بندر،کاروڇاڻ ۽ گھوڙاٻاري تعلقي جي شهر جوهو کي خالي ڪرائي شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو  آهي

 تيز هوائن جي گھلڻ سان سامونڊي تيز ڇولين جي ڪيٽي بندر جي حفاظتي بچاءَ بند سان ٽڪرائجڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي، ويرون چڙهڻ جي صورت ۾ ڪيٽي بندر شهر جي ٻڏڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن

انتظاميا کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ٺاري واري، کٿو، ٻابيو، ڦاٽ، جنگي سر جي رهواسين کي پڻ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرايو آهي. ٽرانسپورٽ گھٽ هجڻ ڪري رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پڻ پيش اچي رهي آهي

ڪيٽي بندر لڳ  ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن کي پڻ ٻيڙين ۽ لانچن ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ٺٽي جي انتظاميا ڳاڙهو ۽ ٻگهاڻ ۾ سرڪاري عمارتن ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪري ٻه هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪيوآهي

 رات دير سان کٿو، حاجي پريو لاشاري، محمدعلي شولاڻي، احمد علي جت، حاجي قاسم جت  ۽ ٻين سوين ڳوٺن کي خالي ڪرايو ويو

هوڏانهن بدين ضلعي جي سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، ٻھڊمي، احمد راڄو، شيخاڻي گهاڙي، شيخ ڪرهيو ڀانڊاري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو جاري آهي علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

ساحلي پٽي ۾ تيز هوا ۽ زوردار مٽي جي طوفان سبب ڪچن گهرن جون ڇتون، دڪانن ۽ هوٽلن جا ڇپرا اڏامي ويا بجلي جو پول ڪري ويا آهن،  مختلف ڳوٺن صالح محمد ورڙ، جاڳڻ ملاح، مومن ملاح، جڙيو گهونو، مريد گهونو، ميهار ڌانڌل جا ماڻهو سيراڻي پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ڀڳڙا ميمڻ  سميت محفوظ هنڌن تي  پهچايا آھن

بدين ضلعي جي ڪيترن مهاڻن  کي گولاڙچي جي اسڪولن اندر قائم ڪيمپن ۾ پھچايو ويو آھي، برسات ۽ تيز ھوائن سبب ساحلي پٽي جي سوين ڳوٺن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي ڪچا رستا برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن

هوڏانهن ڇاڇرو،  ڏاهلي ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آھي، ضلعي انتظاميه پاران محفوظ علائقن ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ بدران ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ سرڪاري عمارتن کي ڪيمپن جو نالو ڏئي عوام کي پاڻمرادو پناهه وٺڻ جو مشورو ڏنو ويو آھي. جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف 5 ايمولينسز 1122  موڪليون آھن،ٻئي طرف  عمرڪوٽ، ڪنري، نيوڇور، پٿورو، ڍورونارو،  سنڌڙي ۾ تيز ھوا سان برسات جي وسڪاري سبب موصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو

Leave A Comment