ڪيٽي بندر  ۽ کاري ڇاڻ جي سامونڊي پٽي ۾ پاڻي نه آيو،  واهه سُڪي ويا، زمينون بنجر

ڪيٽي بندر  ۽ کاري ڇاڻ جي سامونڊي پٽي ۾ پاڻي نه آيو،  واهه سُڪي ويا، زمينون بنجر

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي وارن تعلقن ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ ۾ واھن ۽ شاخن تائين پاڻي نه پهچڻ سبب صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي. ڪيترن ئي علائقن جا واھ ۽ شاخون سُڪي ويا ، جنهن ڪري زرعي سرگرميون مڪمل طور متاثر ٿي رهيون آهن، جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي، مال جي چاري ۽ روزگار جا مسئلا به شدت اختيار ڪري ويا آهن ان ڏس ۾.مقامي آبادگارن، آبادگارن جي تنظيمن ۽ سماجي اڳواڻن عثمان مروو بلوچ ، احمد خان مرگھر ، پير گلاب شاهه، ابو شاهه، بخش علي مرگھر ، پپو شاهه ۽ ٻين رابطي ڪرڻ تي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته تعلقي ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ کي پاڻي مھيا ڪندڙ شاخن انڊو شاخ ، دارسي ، گهوڙاٻاري شاخ ، جهالو شاخ ، کٿو شاخ ، جوھو شاخ ۽ ٻين ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجڻ جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ بيٺل فصل سُڪي رهيا آهن، جڏهن ته مالوند ماڻهن کي پنهنجي چوپائي مال لاءِ پاڻي ۽ چارو فراهم ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.هنن آبپاشي کاتي جي عملدارن تي الزام ھڻندي چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ ۽ هيٺين پڇڙي وارن علائقن تائين پاڻي نه پهچڻ سبب هر سال سامونڊي پٽي جا رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏين ٿا. پاڻي جي کوٽ سبب سامونڊي کاراڻ به تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن سان زرعي زمينون ۽ مٺي پاڻي جو جر سخت متاثر ٿي رهيو آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته پاڻي جي فراهمي کي پوڇڙ تائين يقيني بڻائي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي