| ڪيٽي بندر ۾ هوڙي مان پڪڙيل منشيات ڳاڙهو پوليس وڪڻي ڇڏي، ايس ايچ او ۽ وڏو منشي معطل |
ڪيٽي بندر (رپورٽ: آدم جانيارو) ايس ايس پي ٺٽو ساجد امير سدوزئي گذريل ڏينهن ڪيٽي بندر جي ويجھو ھوڙي مان منشيات ۽ گٽڪو ھٿ اچڻ کان پوءِ نوٽيس وٺندي ڳاڙھو ٿاڻي جي ايس ايچ او عبدالحميد رودناڻي ۽ وڏي منشي يوسف هنڱورو کي معطل ڪري لائين حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، سندن خلاف جاچ جو پڻ حڪم ڏنو ويو. ياد رھي ته گذريل رات دير سان ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد احمد خان جت جي ڳوٺ ڀرسان ڪراچي کان سامونڊي رستي منشيات سان ڀريل ھوڙي جي اچڻ جي اطلاع تي ڊي ايس پي ڳاڙھو عبدالرئوف نھيڙيو ۽ ايس ايچ او ڳاڙھو عبدالحميد روڌناڻي ڇاپو ھڻي وڏي مقدار ۾ منشيات، سوپاري ھٿ ڪئي ھئي .جنھن ۾ صرف پنج سئو ڪلو گٽڪو چُورو ۽ پنج سئو پڙيون گٽڪا ماوا ظاهر ڪري پنجن جوابدارن محرم ولد عارب دينو، مجيد ولد رحيم بخش شيدي، امير بخش ولد ڪارو جوکيو، سومار ولد ڪارو جھلڪ ۽ امير ولد نظير بلوچ خلاف ڪيٽي بندر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .ذريعن موجب ايس ايس پي ٺٽو ساجد امير سدوزئي ان معاملي بابت ڳجهي جاچ ڪرائي جنھن ۾ پتو پيو ته ھوڙي ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات هئي جنهن کي بااثر منشيات فروش ڊيلرن حوالي ڪري صرف ڪجهھ منشيات ظاهر ڪئي وئي ۽ صرف ھوڙي جي مزدورن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن کان پوءِ ايس ايس پي جي ڳجهي جاچ ٽيم پڻ ڳاڙھو ۽ ڪيٽي بندر ٿاڻن تي پھچي گرفتار ٿيل پنجن مزدورن کان پڇا ڳاڇا ڪئي جنھن دوران اهو معلوم ٿيو ته پوليس صرف ھوڙي جي پنجن مزدورن کي گرفتار ڪري پڪڙيل منشيات جو ڪجھه حصو ظاهر ڪري باقي منشيات وڪرو ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ۾ ملوث مُک جوابدارن کان مبينا ڳري رشوت وٺي بچايو ويو. اهڙي جاچ بعد ايس ايس پي ٺٽو ساجد امير سدوزئي فوري طور تي ڳاڙھي ٿاڻي جي ايس ايچ او عبدالحميد رودناڻي ۽ وڏي منشي يوسف هنڱورو کي هٽائي معطل ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي .