ڪيٽي بندر 1819ع ۾ قائم ٿيو، 3 ڀيرا اجڙيو ۽ آباد ٿيو

جُون 14, 2023

ڳاڙهو (رپورٽ: عبدالله راڻو) ڪيٽي بندر شهر 1819 ۾ قائم ٿيو، ٽي دفعا اجڙيو ۽ آباد ٿيو، ڪنهن دور ۾ ڪيٽي بندر کي ميونسپلٽي جو درجو هو

ڪيٽي بندر ميونسپل ۾ 101 گهر صفائي ڪندڙ عملي جا هئا، 1876 ۾ پرائمري اسڪول کوليو  ويو

شهر ۾ 300 وڏا جهاز وڻج واپار ڪرڻ ايندا هئا،ڪيٽي بندر ميونسپلٽي ڪراچي ميونسپالٽي کي 25 رپيا ماهوار فنڊنگ ڪندي هئي، هتان جا ڀاڳيا ماڻهن کي سڏي زوري کير پياريندا هئا

سامونڊي طوفانن ۽ ويرون چڙهڻ سبب ڪيٽي بندر شهر مختلف وقتن تي 3 ڀيرا اجڙي ويو هو جنهنکي بعد ۾ وري مختلف حڪومتن جي ڪوشش سان آباد ڪيو ويو هو

Leave A Comment