| ڪيٽي پيري کي ڪرتب ڏيکارڻ مهانگو پئجي ويو، پاڻي جي وڏي بوتل ۾ ڦاسي پئي |
مالٽا (ڪلچرل ڊيسڪ) امريڪي پاپ گلوڪاره ڪيٽي پيري مالٽا ۾ ٿيندڙ پنهنجي ڪنسرٽ دوران هڪ منفرد اسٽيج اسٽنٽ سبب غير متوقع صورتحال جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان گردش ڪري رهي آهي. 41 سالن جي ڪيٽي پيري پنهنجي پرفارمنس دوران هڪ وڏي پاڻيءَ جي بوتل اندر داخل ٿي. منصوبي موجب مداحن کي ان وڏي بوتل کي ميڙَ جي مٿان گذاريندي اسٽيج ويجهو لڳل هڪ وڏي اسٽرا تائين پهچائڻو هو، پر معاملو ان وقت خراب ٿيو جڏهن بوتل کي اسٽيج ڏانهن واپس آڻڻ بدران مداح وڌيڪ ميڙَ اندر وٺي ويا. وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيٽي پيري بوتل اندر پنهنجو توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. جڏهن کيس احساس ٿيو ته هوءَ مسلسل اسٽيج کان پري وڃي رهي آهي ته هن مداحن کي چيو ته کيس واپس اسٽيج ڏانهن آندو وڃي. چند منٽن تائين جاري رهندڙ هن غير معمولي صورتحال کانپوءِ مداحن آخرڪار وڏي بوتل جو رخ موڙيو ۽ ڪيٽي پيريءَ کي باحفاظت اسٽيج تائين پهچائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي پرفارمنس ٻيهر جاري رکي. هن چيو ته هوءَ اڪثر ان وڏي پاڻيءَ جي بوتل ذريعي ميڙَ ۾ ويندي آهي، پر هن ڀيري هوءَ معمول کان ڪافي پري نڪري وئي هئي ۽ هڪ لمحي لاءِ کيس ايئن لڳو ته شايد واپس اسٽيج تي نه پهچي سگهنديس.