ڪيپيٽل هل تي حملو: آمريڪي مليشيا جي سربراهه کي 18 سال قيد

مَي 26, 2023

واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي عدالت ڪيپيٽل هل تي حملي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي آمريڪي مليشيا اوٿ ڪيپرز جي سربراهه اسٽيورٽ روڊز کي 18 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

واشنگٽن جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اسٽيورٽ روڊز پنهنجي ڏوهه تي ڪنهن به قسم جي شرمساري ظاهر نه ڪئي جڏهن ته سمورا ثبوت ثابت ٿيڻ تي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ساڳي ڪيس ۾ فلوريڊا جي عدالت اوٿ ڪيپرز جي هڪ ٻئي اڳواڻ ڪيلي ميگز کي پڻ 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي

ڪيپيٽل هل هنگامي دوران اسٽيورٽ روڊز ٻاهران ميگز ۽ ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ جن  عمارت ۾ داخل ٿي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي

روڊز ۽ ميگز تي اهو به ڏوهه ثابت ٿيو ته انهن اجلاس جي ڪارروائي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دستاويزن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي

آمريڪي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اسٽيورٽ روڊز دعويٰ ڪئي ته هو سياسي قيدي آهي ۽ سندس تنظيم اوٿ ڪيپرز انهن ماڻهن جي مخالفت ۾ احتجاج ڪيو جيڪي ملڪ کي تناهه ڪري رهيا هئا

جج امت مهتا سندس دعويٰ کي رد ڪيو ۽ ڳڻتي ظاهر ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوٿ ڪيپرز جو نظريو پرتشدد آهي ۽ آمريڪي قانون ۾ ان جي اجازت ناهي

واضح رهي ته جنوري 2021 دوارن اسٽيورٽ روڊز سميت ڊونلڊ ٽرمپ جي هزارين حامين اليڪشن جي نتيجي کي رد ڪيو هو جنهن بعد هزارين ماڻهن قانون ساز اسيمبلي تي چڙهائي ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪئي هئي

Leave A Comment